سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو جي اختتامي تقريب ۾ سيد ناصر حسين شاه، سيد سردار علي شاھ ۽ محمد علي ملڪاڻي جو خطاب
ڪراچي 19 جنوري 2025 ۔۔۔ توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت هن پوري ريجن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ انتهائي بهترين ڪارڪردگي سان ڇهين نمبر تي آهي، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي ويزن تحت تازو ورلڊ بينڪ کان 137 ملين جو پروجيڪٽ لائيو اسٽاڪ شعبي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي۔ اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو جي اختتامي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو۔ هن چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي کي ايتڙي وڏي ايڪسپو منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۔ هن چيو ته لائيو اسٽاڪ ايڪسپو جو دورو ڪري اهو احساس ٿيو ته ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهو آيا ۽ ٽن ڏينهن ۾ ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن چوپائي مال جي نمائش ڏٺي۔ هن وڌيڪ چيو ته هن ايڪسپو دوران ھارين، بريڊرس ۽ سرمائيڪارن جو هڪٻئي سان ملڻ ۽ گڏجي هن شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي۔ هن چيو ته سرڪاري فارمرز ۽ زمين موجود آهي جتي پرائيويٽ فارمرز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڏنا ويندا ته جيئن مقامي بريڊنگ جي نسل جي واڌ کي ھٿي وٺرائي سگھجي۔ ان موقعي تي تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پراڻي خواهش هئي ته سنڌ ۾ هڪ گرانڊ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ٿئي، جڏهن مون وٽ پاس ثقافت کاتو هو ته منهنجي خواهش هئي ته ڪلچر، لائيواسٽاڪ ۽ ايگريڪلچر جو گڏيل ايڪسپو ٿي سگهي۔ هن چيو ته 1947 ۾ پاڪستان ٺهيو ته ان وقت ملڪ جو انحصار 65 سيڪڙو فصلن تي ھو ۽ 35 سيڪڙو لائيو اسٽاڪ تي منحصر هو ۽ اڄ اها صورتحال الٽي ٿي وئي آهي لائيو اسٽاڪ 65 ۽ زراعت 35 سيڪڙو تي اچي وئي آهي۔ سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير چيو ته مون ٽئي ڏينهن هن ايڪسپو ۾ هڪ فارمر ھاري جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، پر بدقسمتي سان لائيو اسٽاڪ حڪومت جي ترجيحات ۾ ناهي رهيو، هڪ ملين کان وڌيڪ ماڻهو هن ايڪسپو ۾ آيا ۽ جانور ن ۽ پکين کي ڏٺو۔ هن وڌيڪ چيو ته 20 سال اڳ روف ٽاپ فارمنگ نه هئي، پر هاڻي ماڻهو هن طرف اچي رهيا آهن ۽ گهرن جي ڇتن تي هڪ ٻڪري پالي رھيا آھن. ڪمرشل ۽ انڊيجنيئس بريڊنگ ۾ ٻه طرفا پاليسي هجڻ گهرجي۔ هن چيو ته جيڪي به بريڊ ٻاهر کان آئي آهي ان لاءِ واضح هجڻ گهرجي ته ان سان ان جو ڪراس ھوندو. ريڊ سنڌي ڳئون 6 هزار سالن کان بريڊ اسان وٽ موجود آهي، پر ان کي پرائيويٽ بريڊرس بچايو آهي۔ هن چيو ته مقامي نسل کي بچائڻ لاءِ بريڊرس کي سرڪاري فارم پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ڏيڻ گهرجي، جيڪي به بريڊ بچائي آهي ان کي پرائيويٽ بريڊرس بچايو آهي، سرڪاري فارم نه بچايو آهي۔ هن چيو ته ملڪاڻي صاحب کي انتهائي دل سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، منهنجي اميد آهي ته هاڻي اها ايڪسپو ڪراچي ۾ مستقل طور تي ٿيڻ گهرجي۔ ان موقعي تي لائيواسٽاڪ واري صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سائين سردار شاهه ۽ سائين ناصر شاهه جو شڪر گذار آهيان جو اهي آيا ۽ حوصلا افزائي ڪئي۔ هن چيو ته ناصر شاهه صاحب کي گذارش آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي کي ترجيحي فهرست ۾ مٿي آڻي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ۾ هن شعبي ۾ نئين منصوبن کي منظور ڪيو وڃي، لائيو اسٽاڪ کاتي ڪراچي وارن کي ايڪسپو جي صورت ۾ هن شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا سوين موقعا موجود ھئڻ جي آگاهي ڏني آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته اسان سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان ھارين کي هتي آندو، انهن کي ٽي ڏينهن سموريون سهولتون ڏنيون ته جيئن اهي پنهنجا انڊيجنيئس ۽ ناياب جانور نمائش ۾ آڻي سگهن جن جي بريڊنگ ۽ واڌ جي ضرورت آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز جو شڪرگذار آهيان جن هن ڪامياب ميلو سجائڻ ۾ ساٿ ڏنو.