فروری 4, 2025

ڪراچي اسلامي جمهوريہ ايران جي قونصل جنرل ۽ ڪراچي قونصلر ڪور جو ڊين جناب حسن نوريان قونصليٽ جنرل آف ايران، ڪراچي ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه جي اعزاز ۾ مانجهاندي جو اھتمام ڪيو. ان موقعي تي ايراني پارليامينٽ جي ثقافتي ڪميشن جي چار رڪني وفد پڻ شرڪت ڪئي، جيڪو سرڪاري دوري تي ڪراچي آيو آهي. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان گڏ ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد، قومي اسيمبلي جو ميمبر مرزا اختيار بيگ ۽ جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي وقار مهدي پڻ موجود هئا. تقريب دوران ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ باهمي سھڪار ۽ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ پراڻي دوستي تي زور ڏيندي چيو ته "ايران ۽ پاڪستان پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان مضبوط ۽ دوستاڻا لاڳاپا رکن ٿا. ٻنهي ملڪن لاءِ ضروري آهي ته اهي لاڳاپا باهمي ترقي، امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ برقرار رکيا وڃن ۽ انهن کي وڌيڪ ھٿي وٺرائي وڃي.” تقريب ۾ امت مسلمه کي پيش ايندڙ چيلينجز ۽ ٻنهي ملڪن پاران اتحاد ۽ سلامتي جي پائيدار حل لاءِ گڏيل ذميدارين تي پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه قونصل جنرل حسن نوريان جي ڀرپور دعوت ۽ مهماننوازي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ قونصل جنرل اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه ۽ وفد جو وقت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ اسپيڪر کي ھن جي اعزاز ۾ شيلڊ پيش ڪئي. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي حسن نوريان ۽ ايراني وفد کي تاريخي سنڌ اسيمبلي جو دورو ڪرڻ ۽ صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني، جيئن ٻه طرفه لاڳاپن ۽ ثقافتي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، جڏهن ته هي ملاقات ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري شراڪتداري جي تجديد جو عڪس هئي جيڪا علائقائي سھڪار ۽ اتحاد جي گڏيل عزم کي ظاهر ڪري ٿي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے