فروری 4, 2025

ڪراچي زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شورو، سيد ذوالفقار علي شاهه، زراعت کاتي جي سيڪريٽري سهيل احمد قريشي، ايم ڊي سنڌ مشتاق احمد سومرو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڪارپوريشن جي موجوده صورتحال، مستقبل جي منصوبن ۽ هارين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ نئين حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي کي گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. سب ڪميٽي چيو ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ ٽن زرعي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي. سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ وڌيڪ قانوني سڌارن جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ قانوني سڌارن بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، صوبائي وزيرن سردار محمد بخش مهر، ڄام خان شورو ۽ سيد ذوالفقار علي شاهه اجلاس ۾ آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته زرعي ٻج جي معيار هڪ سخت ڪوالٽي ڪنٽرول سسٽم لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي قيام جو مقصد صوبي جي هارين کي معياري ٻج فراهم ڪرڻ ۽ زرعي پيداوار وڌائڻ آهي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ايم ڊي مشتاق احمد سومرو ٻڌايو ته 23 سئو ايڪڙن تي مختلف زرعي قسمن جا ٻج پوکيا ويا آهن، 500 رجسٽرڊ هارين کي زرعي شيون فراهم ڪيون ويون آهن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے