فروری 4, 2025

ڪراچي

سنڌ سرڪار جي نين مقرر ٿيل ترجمانن جو ھڪ اھم اجلاس ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي حڪومت جي موصلاتي حڪمت عملي کي وڌائڻ، عوامي خدش کي اثرائتي انداز ۾ ختم ڪرڻ وارن مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمانن گنھور خان اسراڻ، ھير سوھو، نادر نبيل گبول، سکديو آسرداس ھيمناڻي، بلند خان جوڻيجو، سميتا افضال سيد، سيد تحسين عابدي، سيد عقربا فاطمھ، مصطفيٰ بلوچ ، اطلاعات واري سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ حڪومت جي بيانئي، ميڊيا سان لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۽ سنڌ سرڪار پاران عوامي فلاح ۽ بھبود جي منصوبن جي اثرائتي تشھير جي لاءِ حڪمت عملين تي جامع بحث ڪيو ويو.
ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ حڪومتي ترجمان تمام وڏي ذميواري آھي، سنڌ سرڪار اوھان کي ھي ذميواري سونپي آھي، حڪومت چاھي ٿي تھ ماڻھن کي عوام جي لاءِ حڪومتي منصوبن جي حوالي سان مڪمل آگاھي رھي.
ھن چيو تھ اسان کي اُن ڳالھھ کي يقيني بڻائڻ چاھيون ٿا تھ عوام کي حڪومت جي ڪوششن ۽ پروگرامن جي باري ۾بھترين نموني آگاھھ ڪيو وڃي، اسان کي ماڻھن جي مثبت معلومات تائين رسائي سندس مايوسين جو خاتمو يقيني بڻائڻو آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزنري قيادت ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ محترمھ فريال ٽالپر جي رھنمائي ۾ عوامي خدمت سنڌ سرڪار جو عزم آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين عوام جي فلاح ۽ بھبود کي اوليت ڏني آھي.
ھن چيو تھ اسان جا ترجمان غلط معلومات جو مقابلو ڪرڻ ۽ اسان جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا آھن، سنڌ حڪومت جي ترقياتي قدمن ۽ پاليسين جي لاءِ حڪومتي ترجمان ھڪ گڏيل ٽيم طور ڪم ڪن.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ابلاغ عامھ سان گڏ اسان کي سوشل ميڊيا تي بھ فوڪس ڪرڻو پوندو، ھڪٻئي سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، سنڌ جي ماڻھن جو اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ شفافيت ۽ اثرائتو رابطو وڏي اھميت وارو آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے