جنوری 13, 2025

: سنڌ حڪومت مقامي واپارين سان گڏجي چيني سيڙپڪارن کي مختلف صنعتون لڳائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ٻه اسپيشل اقتصادي زونز تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اها ڳالهه توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڇنڇر ڏينهن ڪئي. ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ 10هين بيوٽي، فٽنيس اينڊ ڪنزيومر هيلٿ انٽرنيشنل ايڪسپو جي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪ جي واپاري مرڪز ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي صنعتون ٺهي رهيون آهن، جنهن جو وڏو سبب عالمي سطح تي تجارتي تبديليون آهن.

ڪيترائي ملڪ چين مان اڻ سڌي ريت امپورٽ ختم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، پر چيني مصنوعات اڃا به اڻ سڌي طرح ٻين ملڪن جي رستن کان خاص ڪري پاڪستان ذريعي ايڪسپورٽ ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي اڀرندڙ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ لاءِ ترجيحي مارڪيٽ هوندي.

ناصر حسين شاهه پاڪستاني واپارين تي زور ڏنو ته هو مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ”ميڊ ان پاڪستان“ برانڊ تحت ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ چيني صنعتڪارن سان سهڪار ڪن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي مختلف صنعتي زونز سان گڏجي هنن جي انفرااسٽرڪچر کي خاص منصوبن ۽ ضرورتن جي مطابق تيار ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. توانائي ۾ صوبي جي ڪاميابين کي اجاگر ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته حڪومت بجلي جي پيداوار ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي. منصوبه بند سولر پارڪ لاءِ 3.5 سينٽ في يونٽ جي غير معمولي گهٽ ٽيرف جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪا ڪراچي ۽ سنڌ جي رهواسين کي مختلف مرحلن ۾ سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اي ڪامرس گيٽ وي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر محمد عزيز نظام چيو ته غيرملڪي ۽ مقامي ماڻهن ۽ واپارين جي شرڪت عالمي سطح تي پاڪستان جي پازيٽو اميج کي ظاهر ڪري ٿو.

ان سان واپارين، سيڙپڪارن ۽ سياحن کي ملڪ ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، هن اهو به چيو ته ڪاروباري ۽ اقتصادي سرگرميون روايتي شعبن مان اڀرندڙ صنعتن جهڙوڪ لائف اسٽال ۽ صحت سان لاڳاپيل صنعتن ڏانهن وڌي رهيون آهن. اهي شعبا عالمي ۽ مقامي ٻنهي سطحن تي سيڙپڪاري ۽ روزگار جا اهم موقعا پيدا ڪري رهيا آهن، هن نمائش ۾ آمريڪا، چين، ڪوريا، ايران، ترڪي ۽ انڊونيشيا سميت 7 ملڪن جون 2000 کان وڌيڪ مشهور برانڊز ۽ 350 ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن. توقع آهي ته نمائش ۾ 40,000 زائرين کي راغب ڪرڻ ۽ سروس ايڪسپورٽ، B2B ڊيلز، اسپانسر شپ ۽ سياحت سان لاڳاپيل سرگرمين جي ذريعي 20 ملين ڊالر جي آمدني حاصل ڪندي. تقريب جو مقصد پاڪستان جي اڀرندڙ صحت جي سنڀال، فٽنيس ۽ فلاح و بهبود جي شعبن ۾ اسٽيڪ هولڊرز، ماهرن ۽ صارفين کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. هي پاڪستاني سامعين لاءِ خوبصورتي جا نوان رجحان ۽ جدت متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙي طرح انهن صنعتن ۾ ملڪ جي عالمي موجودگي کي وڌائڻو آهي.هينڊ آئوٽ نمبر…..1090 ايم ايس ايس

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے