وفاق ملڪ ۾ موجود استعمال جوڳي هر قسم جي پاڻي جي ذخيرن جي ورڇ انصاف موجب ڪري. سيد سردار علي شاه
ڪراچي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاه ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري “سنڌ لٽريچر فيسٽيول” جي افتتاح ڪرڻ بعد منعقد ڪيل تقريب ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آھي ته ارسا ۾ سنڌ سان زيادتيون ٿيڻ ڪا نئين ڳالھ ناھي، سنڌ پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيئي رھيو آھي، ارسا معاهدي ۾ رڳو سطح تي موجود پاڻي جو معاملو طئي ڪيو ويو، هاڻ وقت اچي ويو آهي جو اسين زمين جي اندر موجود پاڻي جو به حساب وٺون، جيئن زمين اندر ٻيا وسيلا پورو ملڪ گڏجي استعمال ڪندو آھي، ارسا معاهدي ۾ زمين جي هيٺان موجود پاڻي جي استعمال کي به شامل ڪيو وڃي، ڇو ته وفاق طرفان ماضي جي غلط فيصلن جي ڪري سنڌ جي زمين اندز موجود پاڻي استعمال جي لائق نه رهيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته وفاق ملڪ ۾ موجود استعمال لائق هر قسم جي آبي ذخيرن کي انصاف سان ورهائي. صوبائي وزير سيد سردار شاه چيو ته پاڻي جا ماهر اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪا آهن ته هر سال 10 لک ڪيوسڪ پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ لازمي آهي، جيڪڏهن لاپرواهي ٿي ته بدين، ٺٽو، ۽ سجاول پاڻي هيٺ اچي ويندا ۽ سن 2060 تائين ڪراچي به سمنڊ جي اثر هيٺ اچي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه کي وڏن چيلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. درياهه تي بند ٻڌڻ جو سلسلو سالن کان جاري آهي. انگريزن آبپاشي نظام جي نالي تي پهريون بند ٻڌي درياهه کي محدود ڪرڻ جي شروعات ڪئي. ڇو ته انھن کي سندھ جي زراعت تي پنھنجو ملڪ ھلائڻو ھو، انگريزن جا بيئراج ته ٺهي ويا، پر درياهه جو قدرتي وهڪرو ڪئنالن ۾ تبديل ٿي ويو، پاڻي جا قدرتي رستا بند ٿيڻ سبب ٻوڏون آيون، پاڻي جي قدرتي وهڪرن کي بند نه ڪرڻ گهرجي ها. سيد سردار شاه چيو ته جڏهن ٽن درياهن کي وڪرو ڪيو ويو ته سنڌو درياهه جو 25 سيڪڙو پاڻي گهٽجي ويو. 1965 ۾ سنڌو طاس معاهدو ڪيو ويو، جنهن تحت پنجاب جا ٽي درياهه ڀارت کي ڏنا ويا. انهي عمل سان لکين ايڪڙن تي ڦهليل ڊيلٽا تباهه ٿي ويو. درياهه پنهنجي وهڪري سان صديون کن ريت آڻي سمنڊ کي اڳتي وڌائيندو رهيو ۽ ڊيلٽا جي محفوظ رکندو رھيو، اڄ ڊيلٽا جي تباهي واضح ڪري ٿي ته باقي سنڌ به پاڻي نه ملڻ سبب تباهه ٿي سگهي ويندي، تعليم واري وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هڪ ڪروڙ 20 لک ايڪڙ زمين پوک لائق آهي، پر اونهاري جي مند ۾ رڳو 45 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي، جيڪڏهن وڌيڪ ڪئنال ٺهيا ته گڊو کان هيٺ پاڻي نه پهچي سگهندو، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ديواني جا خواب ڏيکاريا پيا وڃن، پر سنڌ ڪينالن واري منصوبي کي ڪڏھن قبول ڪيو آھي ۽ نه ئي ڪندي. وزير تعليم لٽريچر فيسٽيول تي تنقيد ڪرڻ واري معاملي تي ڳالھائيندي چيو اھڙي تنقيد اجائي آھي، اهڙن فورمز جهڙوڪ لٽريچر فيسٽيول نوجوانن کي بحث مباحثي سان سکڻ جو موقعو ڏين ٿا، هن سال جو ستون لٽريچر فيسٽيول ان لحاظ کان منفرد آهي جو ان ۾ سنڌو درياهه جي ڪيس تي بحث جو موضوع بنايو ويو آھي، سنڌو درياهه اسان جي بقا ۽ جياپي جي ضمانت آهي، ۽ اسان ان تي ڪنهن به قسم جو سودو نه ڪنداسين ھن وڌيڪ چيو ته ادبي سرگرميون رواداري ۽ سهپ کي هٿي ڏين ٿيون، سنڌ ۾ انتهاپسندي کي روڪڻ ثقافتي تحرڪ جي ڪري ممڪن ٿيو آهي ۽ هي فيسٽيول انهي تحرڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.