فروری 5, 2025

روزاني زندگيءَ ۾ حقوق العباد جي پيروي ئي اصل ۾ انساني حق آھن، وڏو وزير

انساني حق پرامن، انصاف پسند ۽ جامع سماج جو بنياد آهن، سيد مراد علي شاهه

اسرائيلي ۽ ڀارتي ظلمن کان بيگناهه انسانن کي بچايو وڃي، وڏي وزير جي عالمي برادري کان گُھر

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته روزاني زندگي ۾ حقوق العباد تي عمل ڪرڻ انساني حق آھن. فلسطين ۽ ڪشمير ۾ اسرائيل ۽ ڀارت انساني حقن جون بدترين ڀڃڪڙيون ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه انساني حقن واري عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس مان سندس جاري ڪيل پيغام ۾ڪئي. وڏي وزير چيو ته انساني حقن جو عالمي ڏينهن هر سال 10 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي، هن سال 2024ع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، هاڻي“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته روزاني زندگيءَ ۾ حقوق العباد جي پيروي ئي اصل ۾ انساني حق آھن. هن چيو ته انساني حق پرامن، انصاف پسند ۽ جامع سماج جو بنياد آهن ۽ اظهار جي آزادي، تعليم ۽ صحت تائين پھچ انساني حقن جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت بنا ڪنهن فرق جي انساني حقن جي فراهمي تي يقين رکي ٿي. انساني حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ منصفاڻي سماج جو قيام ضروري آهي ۽ سنڌ سميت پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابري جا حق حاصل آهن. وڏي وزير افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته انساني حقن جون بدترين ڀڃڪڙيون فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ٿي رهيون آهن. سيد مراد علي شاهه عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته بيگناهه ماڻهن کي اسرائيلي ۽ ڀارتي ظلمن کان بچايو وڃي.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ
#SindhCMHouse

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے