جنوری 13, 2025

ٺٽو:
اڳوڻي سينيٽر پ پ اڳواڻ سسئي پليجو چيو آھي ته سنڌو درياءُ تي 6 ڪئنالن ٺاهڻ وارو منصوبو سنڌ لاء انتهائي خطرناڪ ۽ سنڌي عوام لاء زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي جنهن کي رد ڪرڻ لاء سنڌ اسيمبلي جا ميمبر فوري طور تي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي ڇهن ئي ڪئنالن کي رد ڪرائڻ جو ٺھراءُ اتفاق راء سان منظور ڪرائين ۽ قومي اسيمبلي ۾ پڻ ايم اين ايز پاران ڪئنالن خلاف رٿ آڻڻ گهرجي. اهڙو اظھار اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو ٺٽي لڳ ڳوٺ پير محمد بروهي ۾ ٺٽي جي سينيئر صحافي محبوب بروهي ۽ آپڪا اڳواڻ تاج حسين بروهي جي والد جي وفات تي عذر خواهي جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو، هُن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام خاص طور تي سمورين پارٽين کي ڪئنالن واري سنگين معاملي تي ڪالاباغ ڊيم جيان گڏيل طور تي منظم تحريڪ هلائڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت توڙي سنڌ مان چونڊيل ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ايوان توڙي وفاق آڏو ڪئنالن کي رد ڪرائڻ لاء پنهنجو موثر ڪردار ۽ آواز اٿارڻ گهرجي سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته تڪراري ڪئنالن واري منصوبي سڄي سنڌ جي عوام کي سيڙائي وڌو آھي ڇاڪاڻ جو سڄي سنڌ ۽ خاص طور تي سنڌ جي لاڙ وارو خطو وڌيڪ متاثر ٿيندو اڳ ۾ ئي اسانکي 1991ع جي پاڻي معاهدي موجب به گهربل حصي جو پاڻي نٿو ملي وفاق پاران سنڌ سان هميشه ناروا رويو اختيار ڪيو پيو وڃي اهڙي صورتحال ۾ ڪئنالن وارو تڪراري منصوبو سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش آھي. هُن چيو ته سنڌ جي سمورين ڌرين کي هن معاملي تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري ڪالاباغ ڊيم خلاف گڏيل تحريڪ جيان گڏيل آواز اٿارڻو پوندو هن سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته اهي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪئنالن واري معاملي تي چپ جو روزو رکڻ بدران فوري طور تي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئنالن خلاف رٿ آڻي متفقه راء سان قرادراد منظور ڪرائين ۽ قومي اسيمبلي ۾ ويٺل سنڌ جا نمائيندا پڻ لابينگ ڪري گڏيل طور تي رٿ آڻڻ جي ڪوشش ڪن

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے