جنوری 13, 2025

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن سميت بلدياتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن سميت لوڪل باڊيز کي ساليانو هڪ کرب 60 ارب کان وڌيڪ بجيٽ فراهم ڪري رهي آهي پر سنڌ ۾ 50 سيڪڙو به ترقي نظر نه پئي اچي. پي اي سيءَ سنڌ جي سڀني لوڪل ڪائونسلن سميت سڀني لوڪل باڊيز کان سنڌ حڪومت پاران فراهم ٿيندڙ فنڊنگ مان خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. سومر ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ حيدرآباد ڈویزن جي ضلع ڪائونسلن ۽ ٽائون ڪميٽين جي سال 2018ع کان 2020ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن قاسم سراج سومرو، مخدوم فخرالزمان سميت حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميونسپل ڪمشنر، ٽائون آفيسرن، چيف ميونسپل آفيسرن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي اي سيءَ سنڌ جي ميٽروپوليٽين ڪارپوريشن، ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائون ڪميٽين ۽ يوسي سميت سڀني لوڪل باڊيز کي ٽينڊرن کان علاوه ڪوٽيشن ڪرڻ ۽ اشتهار جي بغير اين آءِ ٽي کان روڪي ڇڏيو ۽ سڀني لوڪل باڊيز کي بجيٽ بوڪ ٺاهڻ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن جون ڀرتيون سليڪشن ڪميٽيءَ جي بنا نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. پي اي سي اجلاس ۾ ڀٽ شاهه ٽائون ڪميٽيءَ ۾ 13 لک روپين جي رقم سان في سلائي مشين 95 هزار روپين ۽ في هينڊ پمپ 95 هزار روپين ۾ خريد ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڀٽ شاهه جي ٽائون آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته اِهي ڪهڙيون سلائي مشينون ۽ نلڪا آهن جيڪي 95 هزار روپين ۾ خريد ڪيا ويا آهن؟ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو 13 لک روپين جي رقم سان في سلائي مشين 95 هزار ۽ في نلڪو 95 هزار روپين ۾ خريد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي ان وقت جی ڀٽ شاهه ٽائون ۾ مقرر ٽائون آفيسر کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ان وقت جو ڀٽ شاهه جو ٽائون آفيسر هينئر جتي به مقرر آهي اتان کيس هٽائي ان کي معطل ڪيو وڃي. پي اي سيءَ ڀٽ شاهه ۾ قبرستان جي ديوار جي تعمير لاءِ بنا ڪنهن ٽينڊر جي 95 هزار روپين جي ڪيترن ئي ڪوٽيشنن سان 29 لک روپيه خرچ ڪرڻ واري معاملي جي بلديات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ کي جاچ ڪري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. پي اي سيءَ ڀٽ شاهه ٽائون ڪميٽيءَ طرفان ٺيڪيدارن کان سيلز ٽئڪس جي مد ۾ 45 لک روپيه وصول ڪرڻ جي باوجود سنڌ جي خزاني ۾ اُها رقم جمع نه ڪرائڻ جو نوٽيس وٺندي ذميوار آفيسر کي پڻ معطل جاري ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت بلدياتي ادارن کي هڪ کرب 60 ارب روپين کان وڌيڪ هر سال فنڊنگ ڪري رهي آهي پر ان فنڊنگ مان ترقي نظر نه پئي اچي. هن چيو ته سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن کي هڪ کرب 60 ارب روپين جي فنڊنگ مان 50 سيڪڙو رقم ملازمن جي پگهارن تي خرچ ٿيڻ کان پوءِ به 50 سيڪڙو رقم مان ترقي ٿيڻ گهرجي جيڪا ترقي نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته کاتن ۾ عوام جي ٽئڪس جي پئسن ۾ خردبرد ۽ بي ضابطگين کي برداشت نه ڪيو ويندو ان لاءِ عوام جا پئسا عوام جي بهتري ۾ خرچ ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته جنهن جنهن کاتي ۾ بي ضابطگيون هونديون اتي پي اي سي ايڪشن وٺندي. نثار کهڙو چيو ته جيڪو کاتو آڊٽ جو رڪارڊ فراهم نه ڪندو ان کاتي جي ذميوار آفيسر جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پي اي سيءَ ٻن مهينن دوران مختلف کاتن کان 9 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رڪوري ڪرائي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے