سنڌ جي وڏي وزير وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر حشمت يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر جو افتتاح ڪيو
وڏي وزير پاران سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي نئين عمارت ٺهرائڻ ۽ تاريخي عمارتن جي سارسنڀال لاءِ مدد ڪرڻ جو اعلان
ڪراچي: 5 ڊسمبر 2024
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر حشمت لودي ڊولپمينٽ سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي، اين اِي ڊي يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ڊاڪٽر سروش لودي، سندن فيملي ۽ چيئرمين سنڌ ايڇ اي سي ڊاڪٽر طارق رفيع پڻ موجود هئا. وڏي وزير سينٽر جو دورو به ڪيو، جيڪو سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ايڇ اِي سي جي سهڪار سان قائم ڪيو آهي.
ان بعد سيد مراد علي شاهه سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي سر شاهنواز ڀٽو آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر حشمت الله لودي کي خاص ڪري تعليم جي شعبي ۾ بي مثال خدمتون انجام ڏيڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته پروفيسر حشمت الله لودي هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن خاص ڪري تعليم، راندين ۽ نشريات جي شعبن ۾ مختلف عهدن تي فائز رهي ملڪ ۽ سنڌ صوبي جي وڏي خدمت ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي عظمت کي اڃا وڌيڪ وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي ۽ اعلان ڪيو ته سنڌ سرڪار سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ نئين گهڻ ماڙ عمارت تعمير ڪندي، ته جيئن شاگردن جي لاءِ جاءِ جي کوٽ واري ضرورت پوري ڪري سگهجي.
سنڌ جي وڏي وزير سنڌ ايڇ اي سي کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي کي انڊومينٽ فنڊ جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سمري تيار ڪري ته جيئن ان جي تاريخي عمارتن کي محفوظ ڪري سگهجي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ اچڻ تي کيس فخر محسوس ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي هن خطي ۾ پهريون مسلم تعليمي ادارو هيو، جنهن جو بنياد خانبهادر حسن علي آفنديءَ رکيو هو. هن چيو ته گذريل هڪ صديءَ کان مٿي عرصي تائين سنڌ مدرسته الاسلام هزارين شاگردن کي معياري ۽ جديد تعليم ڏني آهي، ۽ اها فخر جي ڳالهه آهي ته هتان پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح، سر شاهنواز ڀٽو، سر عبدالله هارون ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن تعليم حاصل ڪئي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام جي قيام وقت رڳو هندن ۽ پارسي برادرين جا اسڪول هئا، پر سنڌ مدرسته الاسلام پهريون مسلم اسڪول هو، جنهن سنڌ جي سمورن علائقن جي شاگردن کي انگريزي ۾ جديد تعليم ڏني هئي. هن چيو ته اڄ ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ کيس ٽالپر هائوس نالي هڪ عمارت ڏيکاري، جيڪا 1901ع ۾ سنڌ جي ٽالپرن پنهنجي ٻارن لاءِ هاسٽل طور ٺهرائي هئي، سو اهي ئي تاريخي حقيقتون آهن، جيڪي سنڌ جي مسلمانن جي جديد تعليم ۾ ترقيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون.
سيد مراد علي شاهه سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي کي ساراهيندي چيو ته هن اسان جي ملڪ جي هڪ ليجنڊ پروفيسر حشمت لودي جي نالي يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪري هڪ قابل تعريف ڪم ڪيو آهي. هاڻي هي مرڪز وڌيڪ حشمت الله لوڌي پيدا ڪندو، جيڪي ملڪ ۽ سنڌ صوبي جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندا.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڊسمبر 2011ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جو ايڪٽ پاس ٿيو هو ته ان اجلاس ۾ هو به موجود هو ۽ هن به سنڌ مدرسته الاسلام کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ لاءِ ووٽ ڏنو هو.
سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي تقرير ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڊاڪٽر سروش لودي، سندس فيملي، ۽ ٻين مهمانن جي شرڪت تي ٿورو مڃيو ۽ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي معياري تعليم سان گڏ جديد سهولتون ۽ شاگردن کي تحقيق ۽ انٽرپرينئرشپ جي شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته پروفيسر حشمت لودي ڊولپمينٽ سينٽر کي وڌايو ويندو ۽ ان ۾ وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون.
ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي مدد ڪرڻ تي سندس ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي پنهنجو تاريخي اسڪول به هلائيندي آهي، پر جڏهن هي 2020ع ۾ هن يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ٿي آيو هو ته ان وقت اسڪول جي لاءِ ڪا به الڳ بجيٽ مختص ٿيل نه هئي، بعد ۾ هن ڪوششون ورتيون ۽ سيد مراد علي شاهه سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول لاءِ الڳ بجيٽ مختص ڪئي. اهڙي طرح يونيورسٽي جا ٻيا مسئلا به سنڌ جي وڏي وزير جي دلچسپي سان حل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ساڳي طرح 2020ع ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ رڳو 1800 شاگرد داخل هئا پر گذريل چئن سالن دوران شاگردن جو تعداد 5500 تائين پهچي ويو آهي.
ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پنهنجي سٽي ڪيمپس ۾ هڪ نئين عمارت تعمير ڪرڻ چاهي ٿي، ڇو ته شاگردن لاءِ جاءِ گهٽ آهي، ان لاءِ سنڌ سرڪار سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي مدد ڪري. ان سان گڏ هن سنڌ جي وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته سنڌ مدرسه يونيورسٽي کي ٻين ادارن وانگر انڊومينٽ فنڊ جي لسٽ ۾ به شامل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ان کي پنهنجين تاريخي عمارتن جي تحفظ ۽ سار سنڀال جو ڪم ڪرڻو آهي.
چيئرمين ايڇ اي سي سنڌ ڊاڪٽر طارق رفيع چيو ته ايس ايم آءِ يو جي وائس چانسلر عظيم تعليمدان پروفيسر حشمت الله لودي جي نالي سان سينٽر قائم ڪري هڪ شاندار روايت جو بنياد رکيو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ليجنڊز کي اهڙي ريت خراج پيش ڪرڻ گهرجي. هن سنڌ ۾ اعليٰ تعليم لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سنڌ حڪومت ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ وڌيڪ بجيٽ رکي آهي، ۽ ان جو سبب سنڌ جي وڏي وزير جي ذاتي دلچسپي آهي.
اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر سروش لودي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ هو وائس چانسلر طور نه پر ذاتي حيثيت ۾ هتي آيو آهي. هن چيو ته اها سندس ۽ سندس خاندان لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي يونيورسٽي جي يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر جو نالو سندس والد پروفيسر حشمت الله لودي جي نالي پٺيان رکيو آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي شرڪت جا به جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر سروش لودي چيو ته پروفيسر حشمت الله لودي 1950ع کان وٺي 37 سالن تائين هن اداري ۾ مختلف عهدن تي رهندي ان جي خدمت ڪئي. هن اڳوڻي وفاقي وزير تعليم سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي به تعريف ڪئي، جنهن هن اداري ۾ ڪم ڪرڻ دوران سندس والد جو ساٿ ڏنو هو. ڊاڪٽر سروش جو چوڻ هو ته هي ۽ سندس ڀائر به هن اداري مان پڙهيا آهن، ان ڪري هو ان کي پنهنجو گهر سمجهن ٿا.
آخر ۾ ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڊاڪٽر سروش لودي ۽ سندن گهرڀاتين ۽ چيئرمين سنڌ ايڇ اي سي ڊاڪٽر طارق رفيع کي شيلڊون پيش ڪيون.