نومبر 30, 2024

سکر (25 نومبر 2024ع) توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته سياسي پارٽيون پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ مظاهرا ڪنديون آھن، پي ٽي آءِ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻي گهر وڃن، جيڪڏهن سندن مقصد ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي تہ اهو مناسب ناهي، اهو عمل ناقابل برداشت آهي، سڀ کان پهرين پاڪستان آهي، جيڪڏهن پاڪستان آهي تہ اسين آهيون. هن چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي پرامن احتجاج جي حمايت ڪري ٿي پر پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ خراب آهي. اھڙو اظھار ھن سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ پهرئين OGDCL نيشنل ڪيس رائيٽنگ ڪمپيٽيشن جي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو تہ سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن کي گمراھ ڪيو ويو، پي ٽي آءِ- وارو ڪو ڪم ناھن ڪندا، جڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هئي ته سندن ڪارڪردگي اها هئي ته 23 ننڍيون چونڊون ٿيون، 19 ۾ هارائي ويا پر اهي ڪوڙو بيانيو گھڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، يهودي لابي سندن ڀرپور حمايت ڪندي رهي آهي، اهي اڳ آمريڪا جي خلاف هئا، هاڻي انھن وٽ ويھي رھيا آھن. هن چيو تہ جڏهن گذريل عام چونڊن جا نتيجا آيا ۽ پي ٽي آءِ جا نمبر وڌيڪ هئا تہ پاڪستان پيپلز پارٽي کين حڪومت ٺاهڻ جي دعوت بہ ڏني پر سندن ضد برقرار رهي. هن چيو تہ جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي حمايت نہ ڪريون ھا تہ پارليامينٽ وجود ۾ نه اچي ها، پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ (ن) ليگ جي حمايت ڪئي، جيڪڏهن حمايت نه ڪريون ها تہ اسان کي ٻيھر نئين اليڪشن ۾ وڃڻو پوي ھا، جنهن لاءِ اسان کي ڪڙو ڍڪ ڀرڻو پيو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ھجي ٿي تہ سڀ صحيح، پر جيڪڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ نہ ٿي ھجي تہ چاھي ٿي تہ ملڪ ۾ ڪجھ نہ رھي. هن چيو تہ پي ٽي آءِ جو مستقبل صرف پي ٽي آءِ- پي (پي ٽي آءِ پرامن) ٿيڻ ۾ آھي. هن چيو تہ اھو ھڪ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو آھي جيڪو نہ ٿو چاھي تہ ملڪ ۾ بھتري اچي، اسان جي نوجوانن کي گمراھ ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تہ ملڪ ۾ گھڻو ڪجھ سٺو ٿئي پيو، ڪجھ ڏينهن اڳ آئيڊياز نمائش جو ڪامياب انعقاد ٿيو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. نئين ڪينال واري معاملي تي هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پوري ملڪ جي پارٽي آهي، سنڌ جي ڪنهن به شيءِ تي سوديبازي نه ڪندي، خاص ڪري پاڻي اسان جي بقاء جو معاملو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به ايئن نہ چاھيندي تہ اهڙي قسم جي ڪا شيءِ ٺھي. وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي خط لکي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته اسان اعتراض ۽ احتجاج ڪري رهيا آهيون پر پنجاب جي پلاننگ واري کاتي پڻ انھن منصوبن تي اعتراض واريو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته مون کي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ اچڻ تي هميشہ خوشي ٿيندي آهي، سکر آءِ بي اي جهڙي اداري جي قيام تي اسين نثار صديقي کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هميشه سکر آءِ بي اي سان سهڪار ڪندي رھي آھي. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلد سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو دورو ڪندو، اسان آءِ بي اي کي پنهنجو سمجهون ٿا ۽ سکر آءِ بي اي کي وڌيڪ سپورٽ ڪنداسون تہ جيئن ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي، هن چيو ته سکر آء بي اي م سنڌ جي باصلاحيت نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو ھر ممڪن سهڪار حاصل آهي، تعليم اسان جي ترجيح آهي، ان ڪري اسان تعليم جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ بجيٽ رکي آهي. توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته چئلينجز آهن، انهن کي ختم ڪيو ويندو. ان موقعي تي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ او جي ڊي سي ايل جي سهڪار سان نيشنل ڪيس رائيٽنگ مقابلا ڪرايا پيا وڃن، جنھن جو مقصد تخليقي صلاحيتن ۽ ريسرچ لاءِ پروفيشنلز، استادن ۽ شاگردن کي ھڪ پليٽ فارم فراھم ڪرڻ آھي تہ جيئن مقامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اڪيڊمي ۽ صنعت جي وچ ۾ اشتراڪ کي وڌايو وڃي. وائيس چانسلر چيو ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽي رڳو هڪ يونيورسٽي ناهي، ھتي سڄي پاڪستان کان شاگرد اچن ٿا، جنهن سان ملڪ ۾ يڪجهتي کي فروغ ملي ٿو. هن چيو تہ بلوچستان جا ڪيترائي شاگرد هتي اسڪالر شپ تحت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ ملڪ جي پهرين يونيورسٽي آهي جيڪا عالمي سطح تي 600 کان 800 جي رينڪنگ ۾ آئي آهي. وائيس چانسلر پروفيسر آصف شيخ چيو ته نثار صديقي اسان جو ليڊر آهي، سندس مشن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته تمام جلد سنڌ جي ٻهراڙين جي پنجين ۽ ڇهين ڪلاس جي 20 غريب ٻارڙن کي IBA يونيورسٽي جي انتظام هيٺ پبلڪ اسڪول سکر ۾ انرول ڪيو ويندو. ان موقعي تي تقريب کي ريجنل ڊائريڪٽر او جي ڊي سي ايل قمر زمان خطاب ڪندي چيو تہ هي پهريون او جي ڊي سي ايل ڪيس رائيٽنگ ڪمپيٽيشن سکر جي آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ منعقد ڪيو ويو آهي، او جي ڊي سي ايل جو تعليم ۽ صحت جي شعبي تي ڌيان آهي. هن چيو ته سکر ۾ آءِ بي اي يونيورسٽي سان مختلف منصوبن ۾ اشتراڪ ڪري رهيا آھيون، آءِ بي اي رڳو هڪ يونيورسٽي نه آهي، اهو هڪ مشن آهي ۽ هن ڀيري آءِ بي اي سان گڏ پنجين بيچ کڻڻ وڃي رھيا آھيون، او جي ڊي سي ايل پاران 550 ملين روپيا اسڪالر شپ جي صورت ۾ ڏنا پيا وڃن جنهن سان 350 شاگرد مستفيد ٿيندا. تقريب کي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، پروفيسر ڊاڪٽر مير محمد شاھ، پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو، پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد گهمرو، مختلف يونيورسٽين جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.#

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے