نومبر 30, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئيڊياز 2024 عالمي دفاع ۽ سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي، قوم مضبوط تعاون ذريعي امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڪراچي ”امن لاءِ هٿيار“ جي عنوان تحت بين الاقوامي دفاعي نمائش ۽ سيمينار (آئيڊياز) 2024 جي ميزباني خاص موقعو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت، ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ امن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ويندو آهي. نشان پاڪستان تي سينئر اعليٰ فوجي آفيسرن، دفاعي ماهرن، سفارتڪارن ۽ دنيا جي انڊسٽري ليڊرن سان خطاب ۾ وڏي وزير عالمي مهمانن جا ٿورا مڃيا. مراد علي شاهه چيو ته مهمانن جي موجودگي گڏيل چئلينجن کي گڏيل احترام سان حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. اهڙا موقعا اسان کي امن، استحڪام ۽ سفارتڪاري جي گڏيل خواهشن جي ياد ڏياريندا آهن. آئيڊياز 2024 ڪراچي شو جي نمايان خصوصيتن ۾ پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس جا شاندار مظاهرا شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هي شو پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت ۽ آزادي ۽ جمهوري قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ تياري ڏيکاري ٿو. تقريب ۾ عالمي معيار جي مقامي مصنوعات سان گڏ دفاعي صنعت ۾ پاڪستان جي ترقي کي پڻ ڏيکاريو ويو، جيڪا پاڪستان جي خود انحصاري جي عڪاسي آهي. وفدن کي دهشتگردي، قزاقي، سائبر سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن چيلينجن خلاف تعاون جا موقعا ڳولڻ جو موقعو مليو. مراد علي شاهه عالمي وفدن جي موجودگي کي عالمي ڀائيواري ۽ گڏيل ذميواري جو ثبوت قرار ڏنو. وفد پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۽ علائقائي سلامتي لاءِ ڳالهين جي فروغ لاءِ اسان جي عزم کي ساراهيو. وڏي وزير آخر ۾ ڪراچي جي عوام جي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو ۽ بين الاقوامي ايونٽن ۽ پاڪستان جي ميري ٽائيم حب طور ڪراچي جي ڪردار کي اجاڳر ڪيو . هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻي اتحاد، مضبوط ڀائيواري جي عزم ۽ امن جي فروغ ذريعي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي اپيل ڪئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے