نومبر 30, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس گهرايو وڃي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير وفاقي حڪومت کان سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل (3)154 تحت هر 90 ڏينهن ۾ سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ لازمي آهي. وڏي وزير چيو ته 9 مهينا گذري ويا آهن، سي سي آءِ جو ڪوبه اجلاس نه سڏايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين موجب هيستائين ٽي اجلاس ٿيڻ گهرجن ها. وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري.

وڏي وزير سان پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس جي پروبيشنري آفيسرن جي ملاقات
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پنهنجي اسٽڊي دوري دوران آڊٽ اينڊ اڪائونٽس جي پروبيشنري آفيسرن جي آجيان ڪئي. هن کين مستقبل جي باري ۾ اميد ظاهر ڪئي پر انهن جي ڪيريئر ۾ پروفيشنلزم ۽ ايمانداري کي پنهنجو فرض سمجهڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان جي ملڪ کي بااختيار آڊٽ اينڊ اڪائونٽس آفيسرن جي ضرورت آهي ۽ مون کي يقين آهي ته توهان اها ضرورت پوري ڪندا. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، اڪيڊمي جي ريڪٽر ثمينه فياض، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، پيپلز هائوسنگ جي سي اي او خالد شيخ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير آفيسرن کي سنڌ حڪومت جي مختلف قدمن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سالياني ترقياتي پروگرام (ADB) جي لاڳت 493.09 ارب رپيا رکي وئي آهي. ان رقم ۾ وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) مان 76.97 ارب رپيا، پرڏيهي امداد مان 334 ارب رپيا ۽ ضلعي اي ڊي پيز لاءِ مختص 55 ارب رپيا شامل آهن. پنهنجي حڪومت جي ترجيحن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير ابتدائي تعليم سان گڏوگڏ استادن جي سکيا ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ اسڪولن جي ٻيهر تعمير جي اهميت تي زور ڏنو. صحت جي سارسنڀال ۾ سنڌ حڪومت پرائمري صحت ۽ ماءُ ۽ ٻار جي سنڀال جي سهولتن کي وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وڏي وزير پنهنجي انتظاميه جي ڌيان ڌيڻ لاءِ ڪيترن ئي اهم شعبن کي پڻ اجاگر ڪيو، جن ۾ سماجي تحفظ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، غربت جو خاتمو ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ شامل آهن، ڄاڻايل شعبن ۾ خاص قدم کنيا پيا وڃن. توانائي شعبي جي حوالي سان مراد شاهه چيو ته هن وقت مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، اميد آهي ته توانائي جو شعبو 2025 تائين مڪمل طور تي فعال ٿي ويندو. هن چيو ته اسان گهٽ آمدني وارن گهرن کي سولر هوم سسٽم فراهم ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے