دسمبر 2, 2024

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏرل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ڪلفٽن ڪراچي ۾ سندس آفيس پھچي ملاقات ڪئي.
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ۾ ملاقات دوران گڏيل قدرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ سھڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات جي موقعي تي گڏيل عربھ رياستن جي قونصل جنرل سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي گڏيل عرب رياستن جي قومي ڏينھن جي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوي ڏني، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ برادر اسلامي ملڪ گڏيل عرب رياستن جو قومي ڏينھن قومي برادراڻي جوش ۽ جذبي سان ملھائڻ جي خاطري ڪرائي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ۾ ملاقات دوران معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ سھڪار کي وڌيڪ ھٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ سرڪار جي قدمن جي تعريف ڪئي.


ملاقات جي موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي چيو تھ سنڌ جي عوام لاءِ مختلف شھرن ۾ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت طرفان مفت طبي ڪيمپون لڳايون پيون وڃن.
اُن موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ گڏيل عرب امارتن ۽ سنڌ جو گڏيل برادراڻو لاڳاپو ڏھاڪن تي ٻڌل آھي، گڏرل عرب امارتن جون سنڌ جي عوام لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناھن، يو اي اِي اسان جو پراڻو برادر ملڪ آھي، پاڪستان، خاص طور تي سنڌ جي ترقي لاءِ سندس ڪوششون ڪنھن کان بھ ڳجھيون ناھن.
ھن چيو تھ گڏيل عرب امارتن جو عوام ھر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي عوام گڏ رھيو آھي، سنڌ جي بنيادي ڍانچي، صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ گڏيل عرب امارتن جي سيڙپڪاري اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار گڏيل عرب امارتن جي حڪومت سان شراڪتداري وڌائڻ، امن ۽ خوشحالي کي ھٿي ڏيڻ ۽ اُنھن رشتن کي وڌيڪ اونھو ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے