دسمبر 1, 2024

ٻئي ڏينهن جي راندين ۾ ڇوڪرين به ڀرپور فن جو مظاهرو ڪيو

سمورا چونڊيل رانديگر قائداعظم گيمز ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندا: سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري

اميد آهي ته اسان جون ٽيمون قائداعظم گيمز مان گولڊ ميڊل کٽي اينديون: راندين وارو وزير سردار محمد بخش خان مهر

ڪراچي سنڌ جي راندين واري کاتي پاران قائداعظم گيمز لاءِ منعقد ڪرايل اوپن ٽرائلز جي ٻئي ڏينهن مختلف راندين جا مقابلا ٿيا، جن ۾ ڪراچي سميت صوبي جي مختلف ضلعن مان رانديگرن حصو ورتو.

اسپورٽس کاتي طرفان شروع ڪرايل ٽرائلز جي اڄ ٻئي ڏينهن رانديگرن فٽبال، ويٽ لفٽنگ، هاڪي، تائي ڪوانڊو، ڪراٽي ۽ ريسلنگ ۾ پنهنجي راند ڏيکاري.

ڪراچي يونائيٽيڊ اسٽيڊيم ۾ ڇوڪرين جي فٽبال ٽرائلز ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن مان ڪل 45 ڇوڪرين پنهنجي مهارت ڏيکاري ۽ ٽرائل ميچن ۾ ڀرپور مقابلو ڪيو.

ان موقعي تي راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر، پارلياماني سيڪريٽري صائمه آغا، سيڪريٽري اسپورٽس عبدالعليم لاشاري، ڊائريڪٽر اسپورٽس امداد ابڙو سميت ٻيا آفيسر، ڪوچز ۽ ريفريز موجود هئا. جتي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي اميد ظاهر ڪئي ته اسان جي سنڌ جون ٽيمون اسلام آباد ۾ ٿيندڙ قائداعظم گيمز مان گولڊ ميڊل کٽي اينديون.

سيڪريٽري اسپورٽس عبدالعليم لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته قائداعظم گيمز لاءِ ڪالهه کان 15 راندين جا ٽرائلز جاري آهن، جن ۾ سنڌ جي هرڪنڊ ڪڙڇ کان رانديگرن ڀرپور حصو ورتو آهي.

هن ٻڌايو ته سندن کاتي جي آفيسرن تمام ٿوري وقت ۾ سڀني راندين جو شاندار انتظام ڪيو آهي ۽ مڪمل شفافيت سان ميرٽ تي رانديگرن جي چونڊ ڪئي آهي. ۽ اهي رانديگر ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ٽئين قائداعظم گيمز ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندا.

اسپورٽس کاتي طرفان جن راندين جا ٽرائلز ورتا ويا آهن انهن ۾ اٿليٽڪس، بيڊمنٽن، باڪسنگ، فٽبال، هاڪي، جوڊو، ڪبڊي، کراٽي، اسڪواش، سوئمنگ، ٽيبل ٽينس، تائي ڪوانڊو، والي بال، ويٽ لفٽنگ ۽ ريسلنگ شامل آهن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے