دسمبر 2, 2024

ريلي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اڳواڻن طرفان ٺٽو، ميرپور ساڪرو، ڳوٺ خالق ڏنو پليجو، قادر لاشاري، مڪلي جي ترڪي ڪالوني، ڳوٺ عزت خان لاشاري، جهڏو، ڪنڊياري ۽ ڳوٺ اڪبر چانڊيو سميت مختلف ڳوٺن جا دورا، يونٽن جون گڏجاڻيون، حيدرآباد ۾ تياري ڪميٽي جو اجلاس.

پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪينال ٻارهوئي وهي رهيا آهن،
ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي صدر عوامي تحريڪ

سنڌو درياهه کي زنده جيوت قرار ڏئي، درياهه جا وهڪرا روان دوا رکڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي، ايڊووڪيٽ وسند ٿري

پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦٻائي رهيا آهن،
نور احمد ڪاتيار، مرڪزي سينئير نائب صدر عوامي تحريڪ

سنڌ جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي پنجاب جا حڪمران چوري ڪري رهيا آهن،
عمره سمون، مرڪزي صدر سنڌياڻي تحريڪ

ڪراچي / حيدرآباد / ٺٽو / ڪنڊياري/ جهڏوسنڌياڻي تحريڪ جي 17 نومبر تي ڪراچي ۾ اعلانيل ريلي جون تياريون زور شور سان جاري. حيدرآباد ۾ تياري ڪميٽي جو اجلاس، ٺٽي جي مختلف ڳوٺن جي دورو، ڪراچي ۾ به مختلف اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ويون، جهڏي ۽ ڪنڊياري ۾ اجلاس، ريلي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ رٿابندي. تفصيلن موجب عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجي ڪراچي ۾ پائلر جي هيڊ آفيس پهچي عباس شفقت ۽ پائلر جي ٻين اڳواڻن کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر  عمره سمون، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر سلمي لاشاري ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري بختاور ملاح، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مٺا خان لاشاري ميرپور ساڪرو، ڳوٺ خالق ڏنو پليجو، قادر لاشاري، مڪلي جي ترڪي ڪالوني، ڳوٺ عزت خان لاشاري سميت ٺٽي ضلعي جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري ڳوٺاڻن کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ٻي پاسي ريلي جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، حسنه راهوجو، ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، نور نبي پليجو، ايڊووڪيٽ مير پرويز دائودپوٽو، ڄام تماچي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. هوڏانهن جهڏو ۾ ايس جي ايس ٽي ۽ سنڌياڻي تحريڪ يونٽ جھڏو جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ سنڌ جي درياھ، زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، ڌاڙيل راڄ ۽ سنڌ جي عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ عظيم الشان ريلي جي رٿابندي ڪئي وئي۔ جھڏو جي آس پاس وارن ڳوٺن جا دورا ڪري ريلي جي دعوت ڏيڻ لاءِ دورن جو شيڊول ترتيب ڏنو ويو. سنڌياڻي تحريڪ جي وفد سنڌياڻي تحريڪ ضلع سانگھڙ جي صدر مريم انڙ جي اڳواڻي ۾ ڪنڍياري جي ڳوٺ اڪبر چانڍيو سميت مختلف علائقن جا دورا ڪري، 17 نومبر 2024 تي صبح جو 12 بجي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچي تائين ٿيندڙ عظيم اليشان ريلي جون دعوتون ڏنيون.
ان دوران خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، بختاور ملاح، مريم انڙ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه کي زنده جيوت قرار ڏئي، درياهه جا وهڪرا روان دوا رکڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦٻائي رهيا آهن، سنڌ جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي پنجاب جا حڪمران چوري ڪري رهيا آهن. ٻوڏن لاءِ ٺاهيل پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪينال ٻارهوئي وهي رهيا آهن، مٿان وري 6 نوان ڪينال ڪڍي سنڌ جو پاڻي مڪمل طور بند ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار جي سرپرستي ۾ سنڌ اندر اغوا انڊسٽري قائم ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي سرڪار ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪر عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت واري آئيني ذميواري تان ڦري وئي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضن، پاڻي تي ڌاڙن، وسيلن جي ڦرلٽ، عورتن مٿان ظلم ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان 17 نومبر تي ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين هزارين سنڌياڻين جي عظيم الشان ريلي ڪڍي ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے