دسمبر 2, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ملاقات ۾ چيو آهي ته سندس حڪومت مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو ان موقعي تي وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ پڻ موجود هو. وڏي وزير ۽ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر وچ ۾ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، انڊس ڊيلٽا، آرڪيالاجي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نيل هاڪنز چيو ته انڊس ڊيلٽا جي شاندار تاريخ آهي ۽ ان کي بچائڻ جي ضرورت آهي جنهن تي وڏي وزير چيو ته پاڪستان پاڻي جي کوٽ وارو ملڪ رهيو آهي. سنڌ هيٺاهين صوبو هجڻ ڪري پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي تنهنڪري ڪوٽڙيءَ ڊائون اسٽريم کان سمنڊ ۾ پاڻي ڇڏڻ ڏکيو ٿي پيو آهي نتيجي طور سمنڊ جو وڌڻ هڪ وڏو خطرو بڻجي ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون کان علاوه بن قاسم انڊسٽريل پارڪ ۽ ڪورنگي ڪريڪ انڊسٽريل پارڪ سميت ٻيا سمورا صنعتي علائقا سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن جتي يوٽيلٽي جون سهولتون ۽ زمينون موجود آهن. سول انٽرپرائز اسپيشل اڪنامڪ ريگيوليشنز 2020 موجب 50 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان ڪابه صنعت اسپيشل اڪنامڪ زون جو درجو حاصل ڪري سگهي ٿي. سنڌ ۾ اهڙا ٻه زون اڳ ۾ ئي موجود آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ انٽرپرائز ڊيولپمينٽ فنڊ خاص رعايت ڏئي زراعت، مائننگ ۽ قدرتي وسيلن جي شعبن ۾ خانگي شعبي کان 7 ارب رپين جي سيڙپڪاري حاصل ڪئي آهي، ان قدم سان سيڙپڪاري جي رقم سان 10 ڀيرا وڌيڪ معاشي اثر ڏيکاريو ويو آهي. ڳالهه ٻولهه دوران مراد علي شاهه آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته صوبائي سيڙپڪاري کاتي پٿر ۽ گرينائيٽ، لائيواسٽاڪ، زراعت، فوڊ پروسيسنگ، فشريز ۽ ڊيري جي شعبن لاءِ ابتدائي ڪاٿا لڳائي ڇڏيا آهن جيڪي سيڙپڪارن جي دلچسپيءَ لاءِ ويب سائيٽ موجود آهن. سنڌ حڪومت سازگار ڪاروباري ماحول لاءِ ورلڊ بئنڪ گروپ سان شراڪت ۾ ڪاروباري سڌارن واري ايجنڊا تي عمل ڪيو جنهن سان پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ سازگار حالتن جي انڊيڪس ۾ 39 پوائنٽس جي بهتري آئي. وڏي وزير موجب ڪلڪ پروجيڪٽ تحت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ 16 کاتن جي منظوري جو نظام هڪ ئي هنڌ آندو پيو وڃي. ان کان علاوه ٿرپارڪر ۾ مائنز اينڊ منرلز کاتي جي سهڪار سان هڪ اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪيو پيو وڃي. سيڙپڪاري جو کاتو سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن سنڌ جي منصوبن کي قومي ۽ بين الاقوامي فورمن تي پيش ڪري سگهجي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چيو ته هو ڀنڀور ويو جتي هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات درج ڪيا. اتي هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خوبصورت انگريزي ۾ لکيل پيغام ڏٺو، مون ان جي تصوير ورتي آهي ۽ اها منهنجي ذاتي رڪارڊ ۾ رهندي. وڏي وزير ۽ مهمان سفير هاڪي بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ڇوته ٻئي هاڪي جا رانديگر رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته هنن سڄي سنڌ ۾ هاڪي گرائونڊن ۾ بليو ٽرف ٺاهيا آهن پر ان مان ڪوبه نئون ٽيلنٽ سامهون ناهي آيو.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے