دسمبر 2, 2024


ورڪرن جي رجسٽريشن لاءِ ايپ متعارف، ڪمشنر سيسي
ميڊيا مالڪن کي صحافين جا حق ڏيڻ گهرجن، شعيب احمد
ڪراچي سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن پاران ڪراچي پريس ڪلب جي تعاون سان بينظير مزدور ڪارڊ بابت آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي. محنت ۽ انساني وسيلن واري وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بينظير مزدور ڪارڊ ذريعي مزدورن کي طبي ۽ مالي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته سيسي تحت 42 ڊسپينسرين ۽ 5 وڏين اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جتي علاج جي ڪا به حد مقرر ناهي ۽ خانگي اسپتالن ۾ ريفر ڪيل ڪيسن جي علاج تي ڪيل خرچ بعد ۾ ملازم کي واپس ڪيو ويندو آهي. وزير محنت جلد هڪ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ ۽ 11 نومبر تي سکر ۾ جديد اسپتال جي افتتاح جو به اعلان ڪيو. ڪمشنر سيسي ميانداد راهوجو ٻڌايو ته گذريل سال سيسي ۾ لکين مريضن کي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. ان کانسواءِ ادارو هر ملازم کي پينشن، معذوري جي پينشن ۽ ٻيون مالي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. حادثي جي صورت ۾ وارثن کي اضافي امداد ڏني وڃي ٿي. سيسي رجسٽريشن جو عمل آسان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت مزدور گهر ويٺي ايپ ۽ پورٽل ذريعي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته محنت ڪش ماڻهن کي سندن حق فراهم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، ۽ ميڊيا مالڪن کي گهرجي ته هو صحافين جي حقن جو خيال رکن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے