دسمبر 1, 2024

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ ۾ سنڌ جي فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ 17 هين گريڊ جي ايڊهاڪ بنياد تي ڀرتي ڪيل 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بنا مستقل ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. جڏهن ته مستقل ڪيل وٽرنري ڊاڪٽرن جي پگهارن تي 7.731 ملين روپيا به سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيا ويا آهن. سنڌ جي ڊي جي آڊٽ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 132 وٽنري ڊاڪٽرن کي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بنا مستقل ڪرڻ جي عمل کي ضابطي جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي اي سي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل وٽنري ڊاڪٽرن کي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بنا مستقل ڪرڻ واري معاملي بابت آڊٽ پيرا جي ويريفڪيشن ڊي جي آڊٽ سنڌ کان ڪرائڻ لاءِ کاتي کي 10 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتی جي سال 2018ع کان 2021ع تائين مختلف آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم حسين جتوئي، ڊي جي نظير حسين ڪلهوڙو سميت ڊي جي آڊٽ سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هڪ آڊٽ پيرا ۾ فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ سال 2015ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان جي بغير سال 2018ع ۾ مستقل ڪرڻ ۽ انهن آفيسرن جي پگهارن تي 7.731 ملين روپيا خرچ ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو. مٿين آڊٽ پيرا ۾ ڊي جي آڊٽ سنڌ عارضي بنيادن تي ڀرتي ڪيل 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي بنا ڪنهن اشتهار ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان جي بغير ڀرتي ڪرڻ واري عمل کي ضابطي جي خلاف قرار ڏئي آڊٽ اعتراض اٿاريو جنهن تي فشريز کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي ۽ کاتي جي ڊي جي نظير حسين ڪلهوڙو پي اي سي کي ٻڌايو ته وٽنري پراجيڪٽ ۾ 132 وٽنري ڊاڪٽرن کي سال 2015ع ۾ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو هو ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان ايڪٽ منظور ٿيڻ کان پوءِ مجاز اٿارٽي جي منظوريءَ سان انهن 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي سال 2018ع ۾ ريگيولر ڪيو ويو جنهن جو سڄو رڪارڊ موجود آهي. ان موقعي تي پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙو کاتي کان پڇيو ته جيڪڏهن وٽرنري ڊاڪٽرن کي اسيمبليءَ جي قانون تحت مستقل ڪيو ويو هيو ته پوءِ اڃان تائين کاتي پاران آڊٽ کان رڪارڊ ويريفاءِ ڇو نه ڪرايو ويو آهي؟ ان لاءِ آڊٽ کان رڪارڊ جي ويريفڪيشن جي بغير ان بابت آڊٽ پيرا کي سيٽل نه ڪنداسين. ان موقعي تي ڪميٽيءَ جي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو به فيصلو موجود آهي ته ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان جي بنا مستقل نه ٿا ٿي سگهن. ان موقعي تي پي اي سي جي سيڪريٽري محمد خان رند چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آهي ته ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي لاءِ به اشتهار ڏيڻ ضروري هوندو آهي جنهن تي پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙو کاتي کان پڇيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي وٽرنري ڊاڪٽر آهن جنهن تي کاتي پاران کيس ٻڌايو ويو ته وٽرنري ڊاڪٽرن جون هڪ هزار منظور ٿيل پوسٽون آهن پر کاتي وٽ هن وقت تائين 850 وٽرنري ڊاڪٽر موجود آهن. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙي چيو ته سڀني کاتن کي اِها هدايت جاري ڪئي وڃي ته هو ذميواري محسوس ڪري پي اي سي اجلاس کان اڳ پنهنجن پنهنجن کاتن جي آڊٽ پيرائن کي ڊي جي آڊٽ سنڌ کان ويريفاءِ ڪرائن ۽ پوءِ معاملو پي اي سي ۾ آندو وڃي. پي اي سي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي 132 وٽرنري ڊاڪٽرن کي پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن جي بغير ڀرتي ڪرڻ واري معاملي کي ڊي جي آڊٽ سنڌ کان 10 ڏينهن جي اندر ويريفڪيشن لاءِ هدايت ڪري ڇڏي. پي اي سي فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي آڊٽ پيرائن بابت اجلاس 10 ڏينهن کان پوءِ ٻيهر طلب ڪري ورتو. ان کان اڳ اجلاس ۾ اِها به ڳالهه سامهون آئي ته کاتي پاران مختلف ترقياتي اسڪيمن جي رقم وقت تي خرچ نه ٿيڻ سبب وڏي تعداد ۾ رقم ليپس ٿي وئي جنهن تي کاتي جي ڊي جي وقت تي اسڪيمن جي رقم خرچ نه ٿيڻ بابت پي اي سي کي مثال ڏيندي ٻڌايو ته هڪ دفعي ته ٿر ۾ ڏڪار جي ڏينهن ۾ 13 جون تي 250 ملين روپيا جاري ڪيا ويا ۽ 15 جون تائين ڪلوزنگ ٿيڻ سبب ٻن ڏينهن ۾ اُها رقم ڪيئن خرچ ٿي سگهي پئي؟ اجلاس ۾ چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو کاتي کان پڇيو ته کاتي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ترقياتي منصوبا آهن ۽ سنڌ ۾ ڪيترائي ڪيٽل فارم موجود آهن جنهن تي کاتي پاران کيس منصوبن، سنڌ ۾ 5 ڪيٽل فارم موجود هئڻ بابت آگاهي ڏني.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے