دسمبر 2, 2024

ميهڙ(رپورٽ ميھڙ جي سماجي اڳواڻ ، صحافي ، ماروئڙن جي واهر ڪندڙ نوجوان لالا جاويد چانڊيو کي ايم پي اي ميھڙ فياض علي خان ٻٽ سندس بيماري جو نوٽيس وٺي علاج ڪرائڻ لاء گمبٽ داخل ڪرايو اتي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو جيري جي بيماري سان جھيڙيندي 35 سالن جي ڦوهه جواني ۾ گمبٽ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو لالا جاويد چانڊيو جگر جي بيماري سبب 2 سالن کان بستري تي پيل ھو لالا جاويد چانڊيو جي غربت ۽ مسڪيني حال سبب سماجي اڳواڻن ، صحافين ، دوستن پاران ميھڙ ، وارهه ، گاجي کھاوڙ ، نصيرآباد ، راڌڻ ، ٿرڙي محبت ، قاضي عارف ۽ ٻين شھرن ۾ جھولي فنڊ ڪري علاج تي ايندڙ خرچ جي پورائي جي ڪوشش ڪئي ۽ چندو پڻ ڪيو ويو. سندس جي زندگي دوران مشھور بلڊر دعا محمد دين ميمڻ پاران پڻ لالا جاويد چانڊيو جي علاج لاء ڪوششون ورتيون ۽ کيس حيدرآباد جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو سندس حالت خراب ٿيڻ سبب کيس گمبٽ نيو ويو جتي سندس علاج جاري ھيو. لالا جاويد چانڊيو جي جگر جي ٽرانسپلانٽ ٿيڻي ھئي کيس پنھنجي ڀيڻ عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪندي گمبٽ پھتي ھئي پر لالا جاويد چانڊيو سان زندگي وفا نه ڪئي لالا جاويد چانڊيو کي 3 ٻارن جو اولاد هيو. لالا جاويد چانڊيو جي معصوم ٻارڙن پنهنجي والد جي علاج واسطي وس وارن کي ٻانهون ٻڌي اپيل ڪئي هئي سندس جو مڙھ ايمبولينس ذريعي گمبٽ کان ميھڙ آندو ويو سندس جنازي نماز ميهڙ ڀرسان قاضي عارف ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ صحافين , سياسي , سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته سندس وفات تي گھر ڀاتين ، دوستن , صحافين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے