دسمبر 2, 2024

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان آزاد ڄمون ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاھھ ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنھي وزيرن قومي مسئلن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، سنڌ جي معاملن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آزاد ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاھھ سان مولانا اعجاز محمود، ملڪ آصف رضا، حسن عاصم، ارقم شاھھ ۽ ولي اللہ تي ٻڌل وفد بھ ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار پاران صحافين لاءِ کنيل قدمن بابت آگاھي ڏني.
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ميڊيا ۽ اظھار راءِ جي آزادي رڳو ھڪ اصول ناھي پر جمھوريت جو بُنيادي جُز آھي، ميڊيا ھائوسز، صحافين لاءِ بنا ڪنھن خوف ۽ خطري جي آزادي سان ڪم ڪرڻ واري ماحول جي فراھمي سنڌ سرڪار جو عزم آھي، ھڪ متحرڪ ۽ آزاد ميڊيا ھڪ شفاف ۽ جوابدھھ حڪومت لاءِ تمام ضروري آھي.
ھن چيو تھ سنڌ سرڪار ميڊيا انڊسٽري ۾ ڊگھي مدي واري ترقي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي، صحافين جي بھتري، ڀلائي، تحفظ، اظھار جي آزادي کي يقيني بڻائڻ شھيد بي بي، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار جو ويزن رھيو آھي، سنڌ سرڪار پيپلز پارٽي جي قيادت جي رھنمائي ۾ صحافت جي آزادي کي برقرار رکڻ ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ آزاد پريس جمھوري معاشري جو ٿنڀ آھي، طاقت کي جوابدھھ بڻائڻ لاءِ اظھار راءِ جي آزادي تمام ضروري آھي، سنڌ سرڪار صحافين، ميڊيا ورڪرز ۽ ميڊيا ھائوسز جي مدد لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آھن.
ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاھھ صحافي برادري جي لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي ۽ چيو تھ سنڌ سرڪار جا قدم سڄي پاڪستان جي صوبن لاءِ ھڪ ماڊل طور ڪم ڪندا آھن، سنڌ سرڪار جا قدم نھ رڳو صحافين کي فائدو پھچائن ٿا پر ميڊيا جي ادارن جي ساک کي بھ سگھھ بخشين ٿا.
ھن چيو تھ ڪشمير معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو موقف بلڪل چٽو ۽ تاريخي رھيو آھي، پرڏيھي وزير طور بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي سرزمين تي جنھن ريت ڪشمير جو معاملو اُٿاريو اھو ھڪ تاريخي ڪم ھو.
ملاقات جي موقعي تي آزاد ڄمون ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاھھ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ڪشميري چانھھ جو تحفو پيش ڪيو، جڏھن تھ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مھمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاھھ ۽ وفد جي ٻين ميمبرن کي سنڌي لُنگي ۽ سنڌ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاھھ کي ھڪ شيلڊ يادگار طور بھ پيش ڪئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے