دسمبر 2, 2024

ڪراچي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته معاشري ۾ سڀ کان وڌيڪ قابل رحم ٽريفڪ پوليس وارا آهن جيڪي 40 کان 45 ڊگري جي گرمي ۾ پڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي ڪري ڊيوٽي کي سرانجام ڏيندا آهن، سٺا ۽ خراب ماڻهون هر جڳهه موجود هوندا آهن، پر کاتي تي الزام نه هڻڻ گهرجي، ڪراچي ۾ ماضي ۾ ٽريفڪ پوليس جي جوانن کي پڻ نشانو بڻايو ويندو هو، ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار پنهنجي جان جو فڪر نه ڪندي ڊيوٽي ڪندا رهندا آهن، پر ڪنهن به معاملي ۾ پوري کاتي تي الزام لڳائڻ سان پورو کاتو ڊي مورلائز ٿي ويندو آهي. سنڌ اسيبملي ۾ ڌيان چڪائڻ واري نوٽس تي ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ننڍي عمر ۾ گاڏي هلائڻ وارن تي جنوري کان 30 آڪٽوبر تائين 30 چالان ٿيا آهن جنهن سان 9 لک 12 هزار روپيا حڪومت چالان جي مد حاصل ڪيا آهن، ڊرائيونگ لائنسنس جي بغير گاڏي هلائڻ تي 1860 ماڻهن تي چالان ڪيو ويو، 37 لک 20 هزار چالان جي مد ۾ حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڇڪڙي تي 60 چنگچي رڪشن تي چالان ڪٽيا ويا، جن مان هڪ لک 20 هزار روپيا ڏنڊ حاصل ڪيو ويو. هن چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ پاران اسنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي آهي، اضافي ڪرايو حاصل ڪرڻ تي پڻ ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، حڪومت پاران چنگچي رڪشن تي پابندي آهي، عدالت پاران حڪم نامي جي ڪري هو شهر ۾ هلي رهيا آهن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسيمبلي جي ميمبرن ڪورٽ ۾ ڌريون بڻيون ۽ پڇاڻو ڪيو وڃي ته جڏهن حڪومت پاران پابندي لڳائي وئي آهي ته پوءِ هي ميٽروپوليٽن شهر ۾ چنگچي رڪشا ڇو هلي رهيا آهن. هن چيو ته اڄ ڪل ننڍا ٻار گاڏيون هلائي رهيا آهن، ان ڏس ۾ سڀ کان وڏي ذميواري والدين جي آهي، اسان ڇو اکيون بند ڪري ويٺا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن ٻار کان ڪوئي حادثو پيش ايندو آهي ته اهو قتل ۾ شمار ٿيندو، ننڍن ٻارن کي گاڏي ڏيڻ سان ٿيڻ وارو حادثو قتل جي زمري ۾ اچي ٿو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان احساس ڪرڻ چاهيون ته اسان ڪهڙي قدر ٽريفڪ ضابطن جي پاسداري ڪندا آهيون، ڪراچي شهر ۾ ڪار شورومز وارن جون گاڏيون روڊن تي بيٺل آهن، سنگل روٽ هلندا آهن، ٽريفڪ پوليس وارا ان کي چئي چئي ٿڪجي پيا آهن، حڪومت جيڪڏهن سختي ڪندي آهي ته پوءِ سمورو ايسوسي ايشنز جاڳي پوندي آهي اسان هڙتال ڪنداسين، سمورا اسميبلي جا ميمبر پنهنجي پنهنجي حلقي ۾ پيغام پکيڙن ته اهو عمل نه ڪن، اسان سڀني کي گڏجي ڪري اهو سڀ ٺيڪ ڪرڻو پوندو، ذميواري حڪومت جي آهي، پر فرض اسان سڀني جو آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے