ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هندو برادري کي ڏياري جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سميت سڄي دنيا جي هندو برادري کي ڏياري جون واڌايون هجن. هن چيو ته سنڌ امن ۽ محبت جي ڌرتيءَ آهي جتي هر مذهب جا ماڻهو خوشيون ملهائيندا آهن. ڏياري ھڪ تہوار آھي جيڪو روشنين سان گڏ خوشين سان ڀرپور آھي. هن چيو ته اسان هندو ڀائرن سان خوشين جي ڏڻ ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پيپلز پارٽي حڪومت ۽ ٻين انتظامي ادارن ۾ اقليتن کي نمائندگي ڏني آهي. سنڌ ۾ اقليتن کي برابري جا حق حاصل آهن ۽ پاڪستان جو آئين انهن کي مڪمل تحفظ ڏئي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ عام چونڊن ۾ ٻه هندو ڪامياب ٿيا جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو تعلق عيسائي برادري سان آهي. سنڌ حڪومت اقليتن جي سمورن حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو ته اسان اقليتن جا سمورا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. وڏي وزير هندو برادري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.