دسمبر 2, 2024

حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ تنظيمي سرگرمين، ملڪي ۽ سنڌ جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ 17 نومبر تي ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين اعلانيل ريلي جي رٿابندي ڪئي وئي. سنڌو درياهه تي ڇهن نون ڪينالن، زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن ۽ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف سنڌياڻي تحريڪ طرفان ريلي جو اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌو درياهه تهذيبن جي ماءُ آهي، سنڌ جي جياپي ۽ وجود جي ضمانت آهي. پنجاب جو حڪمران طبقو گذريل ڏيڍ سئو سالن کان وٺي سنڌو درياهه تي ڌاڙا هڻندو پيو اچي. تازو صدارتي هائوس طرفان گرين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌو درياهه تي ڇهن نون ڪينالن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ جي وجود کي ميسارڻ جو اعلان آهي. سنڌو درياهه ۽ سنڌ سان دشمني پاڪستان سان دشمني آهي. پنجاب جا حڪمران جيڪي پهرين ڏينهن کان وٺي قائد اعظم جا مخالف هئا، انهن جو اڄ به قائداعظم جي پاڪستان دشمني وارو رويو آهي. جن ڏوهارين 71ع ۾ قائداعظم جي پاڪستان کي ٽوڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، انهن ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي قبضو ڪري ورتو آهي. موجوده قابض حڪمران پاڪستان جي سالميت جا مخالف آهن. قائداعظم جا دشمن پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهين ٿا. اجلاس ۾ چيو ويو ته قومي سلامتي جي نالي ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياهه تي اعلان ڪيل ڇهن ڪينالن سميت سنڌو درياهه تي ڪنهن به ڊيم ۽ ڪينال کي قبول نه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سان مڪر ۽ فراڊ ڪري رهي آهي. هڪ طرف صدارتي هائوس ۾ نون ڪينالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ٻي طرف مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ سنڌ اسيمبلي ڪوڙ ڪري چولستان ڪينالن خلاف بيان پيا ڏين پر عملي طور سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي ڪينال رد ڪرائڻ لاءِ وفاق تي زور نٿا ڀرين. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ ۾ لاقانونيت کي عروج تي پهچايو ويو آهي. سڄي سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي. معصوم نياڻين سان گينگ ريپ ڪيو وڃي ٿو پر قانون حرڪت ۾ نٿو اچي. اجلاس ۾ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي وئي ته 17 نومبر جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري، پنهنجي گڏيل ٻڌي جو ثبوت ڏين. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، عبدالقادر رانٽو، ستار رند، ماهه نور ملاح، علي محمد پرويز، ڊاڪٽر دلدار لغاري، حسنه راهوجو، ماروي سنڌو، پرهه سومرو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، نور نبي پليجو، محمد علي ٽالپر، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مهيسر، عبدالرحمنٰ سمون، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، علي محمد ڪلمتي، ممتاز کوسو، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڪاشف ملاح، ڄام تماچي، ميرپرويز دائودپوٽو، ممتاز کوسو، مجيد ساگر پرهياڙ، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.  

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے