دسمبر 2, 2024

ڪراچي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو ذريعي بجلي جي فراهمي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جا مسئلا حل ڪرڻ ڪميٽي جو مينڊيٽ هو، هن چيو ته اسپيڪر صاحب رولنگ ڏين ته ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ ٽنهي ڪمپنين جي سربراهن کي هتي طلب ڪيو وڃي ڪميٽيءَ جي ڏنل راءِ تي عمل ڪرايو وڃي جيڪڏهن اهي نه ٿا ڪري سگهن ته انهن خلاف قانون جي دائري جي مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيراتي ادارا سرٽيفائيڊ هوندا آهن ۽ صرف انهن کي ئي ٽيڪس ۾ ڇوٽ حاصل هوندي آهي، قدرتي آفتن ٻوڏ يا زلزلي ۾ ڪابه ٻاهر کان امداد آڻيندو آهي ته ان کان ٽيڪس نه ورتو ويندو آهي. هن چيو ته خيراتي اداري جي گاڏي جي ذاتي استعمال بابت سوال مفروضن تي ٻڌل آهي، خيراتي اداري جي گاڏي کي ذاتي استعمال لاءِ آڻڻ تي گاڏي ضبط ٿي سگهي ٿي ۽ ڏنڊ به لاڳو ٿي سگهي ٿو. خيراتي ادارن کي ڄاڻ آهي ته انهن کي ڪهڙيون ڪهڙيون مراعتون حاصل آهن.سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ايڪسائيز کاتي ۾ ڪيترائي سڌارا آڻي انقلابي مثال قائم ڪيا آهن سوڪ سينٽر ۾ قطار جو نظام آندو ويو آهي، اتي اچڻ وارن شهرين لاءِ ايئرڪنڊيشنر ۽ پاڻي وغيره جو بندوبست ڪيو ويو آهي. اسان ڪوشش اها ڪئي ته سڄي سسٽم کي آن لائن جي طرف منتقل ڪيون ته جيئن ماڻهن کي آفيس اچڻ جي به تڪليف نه کڻڻي پئي. هن چيو ته ايڪسائيز کاتي ڪيش ليس نظام شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جيڪي ماڻهو آن لائن کان واقف نه آهن اهي صرف ايڪسائيز کاتي جي آفيس مان ئي چالان حاصل ڪري بئنڪ ۾ جمع ڪرائي سگهندا، ايڪسائيز کاتي جي ايپ تمام آسان رکيو ويو آهي، هاڻي ماڻهو گهر ويٺي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا، تنهن هوندي به صرف هڪ ننڍي فيس ادا ڪرڻي پوندي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو صرف سنڌ ۾ ٿيو آهي ته هاڻي ڪوئي به غير رجسٽرڊ گاڏي روڊن تي نه هلي سگهندي جيڪڏهن پورٽ تي ٻي صوبي جي گاڏي ايندي ته پورٽ کان ڪيريئر تي اها گاڏي ٻي صوبي ۾ وڃي سگهندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پريمئم نمبر پليٽس جي نيلامي جي هڪ پليٽ 10 ڪروڙ روپين ۾ پڻ وڪرو ٿي ان مان جمع ٿيڻ وارا پيسا ٻوڏ متاثرن جي گهر ٺاهڻ لاءِ ڏنا پيا وڃن. اسان ڪنهن کان به رضاڪارانه طور تي پيسا جمع ڪرائي رهيا آهيون، ڪوشش هوندي ته اداري کي ماڊل بڻايو وڃي. هن چيو ته چنگچي رڪشن تي پابندي لڳائي وئي آهي، هو عدالت پاران اسٽي جي بنياد تي هلي رهيا آهن، ڪراچي شهر مان بسن جا اڏا ختم ڪري ڇڏيا آهن، مسافرن کي شهر کان ٻاهر پهچائڻ لاءِ شٽل سروس به شروع ڪئي وئي آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هوائي اڏان ۽ سرحدي علائقن تي منشيات جي خلاف اي ايف ايف ڪم ڪري رهيو آهي شهرن ۾ پڻ موبائل سروس ۽ چيڪنگ جو نظام شروع ڪيو ويو آهي اسان وٽ 10 چيڪ پوسٽون نوٽيفائيڊ آهن، جن جي بدولت بهترين ڪارروايو ٿيون آهن. هن چيو ته منشيات جي خلاف پيپلز پارٽي جو اعلان جنگ آهي، اسان کي توهان جي سڀني جي مدد ۽ معاونت جي ضرورت آهي،منشيات کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي قدم وٺڻا پوندا، جيڪي به منشيات ۾ ملوث هوندا انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، وفاقي حڪومت پاران اي اين ايف اسان سان گڏ مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ جيڪي بحالي مرڪز هلي رهيا آهن انهن کي سنڌ حڪومت فنڊنگ ڪري رهي آهي، عوام جي آگاهي لاءِ ڪم ٿي رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ منشيات جي خلاف هڪ تحريڪ دير آئي هئي جنهن جي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سميت سمورن جماعتن حمايت ڪئي، يونيورسٽيز ۾ منشيات جي خلاف ڪارروايون شروٿ ڪيون ويون آهن، ڪجهه ملازمن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ٽيڪس جي مد ۾ 125 ارب روپيا جمع ڪيا، ڪجهه ماڻهن ان جي استعمال تي ڪورٽ کان اسٽي ڪيو، سنڌ حڪومت ڪيس- کٽي وئي ته هي ماڻهو سپريم ڪورٽ ۾ هليا ويا، هن وقت به اسان جا 120 ارب روپيا سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهن، سڀني جي ذميواري آهي ته ان تي آواز اٿارين، روڊ اسان جا استعمال ٿي رهيا آهن، اسٽرڪچر اسان جو خراب ٿي رهيو آهي، اسان جي رقم واپس ڪرائي وڃي، ته جيئن اسان ڪم ڪرائي سگهون.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے