دسمبر 2, 2024


حيدرآباد صوبائي سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز عبدالعليم لاشاري چيو آهي ته صوبائي وزير اسپورٽس سردار محمد بخش مهر جون هدايتون آهن ته راندين کي سرگرمين لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻيا وڃن ۽ سندس خواهش آهي ته هتي راندين جو معيار بين القوامي سطح جو هجڻ گهرجي _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسپورٽس بورڊ هاسٽل نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو _ هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته نوجوانن کي راندين جي سرگرمين ۾ شامل ڪري سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪيون _ هن چيو ته نيشنل گيمز فبيروري مهيني ۾ منعقد ڪرايون ويندوين جنهن جي تاريخ جو تمام جلد اعلان ڪيو ويند و ،هن چيو ته منهنجي خواهش اهي ته سنڌ گيم جي شروعات حيدرآباد مان ٿئي، ان سلسلي ۾ يوٿ هنٽ جي نالي سان هڪ پروگرام پڻ شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون _ هن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران اسپورٽس ڪلبن ۽ راندين جي تنظيمن لاءِ مالي سهائتا جي درخواست جو نئون طريقيڪار ترتيب ڏنو ويو آهي _ هن چيو ته راندين جي سرگرمين ۽ اسپانسرشپ لاءِ درخواستون ڏيڻ لاءِ سمورا ڪلبس۽ تنظيمون پنهنجون درخواستون جاري ڪيل ( ايس اوپيز) جي تحت لاڳاپيل ضلعن جي اسپورٽس آفيسرن وٽ جمع ڪرائيندا جنهن بعد سندن درخواستن جو ضلع اسپورٽس آفيسر جائزو وٺندوجنهن کانپوءِ تصديق ۽ درخواست گذار ايسوسيئيشن جي ساک بابت پنهنجي راءِ ڊائريڪٽر اسپورٽس کي ارسال ڪندو بعد ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس لاڳاپيل آفيسرن جي تجويزن ۽ راء موصول ٿيڻ بعد پنهنجي سفارشن سان گڏ درخواستون صوبائي سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي ڏانهن موڪليندو جنهن کانپوءِ سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز حتمي فيصلو ڏيندو ۽ اهو فيصلو فوري طور تي ايندڙ حڪمن تائين نافذ العمل رهندو هن چيو ته نوجوانن کي اسپورٽس جي سلسلي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي ته جيئن اهي مثبت سرگرمين ڏانهن مصروف عمل رهناجلاس ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس سنڌ امداد علي ابڙو ، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر مريم ڪيريو، ڊپٽي ڊائريڪٽر پبلڪ ريليشن اسپورٽس اينڊ يوٿ سعيد احمد ميمڻ کان علاوه ڊويزن جي ٻين اسپورٽس آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي هه آ نمبر

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے