دسمبر 2, 2024

ڪراچي هاڻي صنعت جو ڦيٿو هلندو، معيشت بهتر ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا به ملندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ (SITE) ۽ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن (SSIC) لاءِ جامع پلان تيار ڪري. وڏي وزير چيو ته سائيٽ ۽ اسمال انڊسٽريز کي خودمختيار ادارا هجڻ گهرجن پر اضافي نوڪريون، منصوبابندي جي کوٽ ۽ ڪمرشل منصوبن جي نه هجڻ سبب اهي مالي بحران جو شڪار آهن. وزيراعليٰ هائوس ۾ صنعت کاتي جي مسئلن ۽ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنعت وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري صنعت ياسين شر، ايم ڊي سائيٽ غضنفر قادري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ملازمن جي گهڻي تعداد سبب سائيٽ لميٽيڊ پگهار ۽ پينشن فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن وقت اداري ۾ 1315 ملازم ۽ 754 پينشنر آهن. تنخواه، پينشن، ملازمن جي رَهتن، قرضن ۽ ٻين خرچن جو ساليانو ڪاٿو 2 ارب 69 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ٽوٽل آمدني ٻه ارب رپيا ساليانو آهي. اداري کي 69 ڪروڙ، 29 لک، 57 هزار ۽ 861 رپين جو ساليانو نقصان ٿي رهيو آهي. نوري آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ صنعتون زبون حال آهن. 25-2024ع جي ترقياتي پروگرام تحت رکيل 84 ڪروڙ، 68 لک ۽ 90 هزار رپين جي رقم مسئلن جي حل لاءِ ڪافي نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ صنعت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام وڏي وزير کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ سوئي گيس جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو. هن چيو ته ايس ايس جي سي کيس يقين ڏياريو آهي ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ کي گئس جي فراهمي جو تخمينو پلان هڪ هفتي اندر ڏنو ويندو. وزير صنعت وڏي وزير کي گذارش ڪئي ته سائيٽ جي پگهارن ۽ پينشن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ 80 ڪروڙ رپين جي سالياني گرانٽ منظور ڪئي وڃي جڏهن ته آپريٽنگ ۽ مينٽيننس خرچن لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي ون ٽائم گرانٽ پڻ منظور ڪئي وڃي. وڏي وزير کي نوري آباد فيز 2 ۽ ڪوٽڙي سائيٽ جي بحالي ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ 2 ارب رپيا منظور ڪرڻ جي پڻ درخواست ڪئي وئي. وڏي وزير کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن 2008ع کان 2014ع تائين ملازمن جي گهڻي تعداد سبب سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. ملازمن کي پگهارون، پينشن ۽ بقايا ڏيڻ لاءِ به پئسا ناهن. اداري ۾ 656 ملازم ۽ 268 پينشنرز آهن جڏهن ته 33 اڳوڻا ملازم اڃا تائين رَهتن جا منتظر آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمال انڊسٽريز ۾ 321 اضافي ملازم آهن جن جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي. اسمال انڊسٽريز جا ساليانو خرچ 93 ڪروڙ 48 لک 60 هزار رپيا آهن. جنهن مان 49 ڪروڙ 62 لک 30 هزار رپيا پگهارون، 20 ڪروڙ 77 لک 70 هزار رپيا پينشن جڏهن ته 23 ڪروڙ 8 لک 60 هزار رپيا ملازمن جا واجبات آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري صنعت وڏي وزير کي ٻڌايو ته 2023-24 ۾ 91 ڪروڙ، 78 لک ۽ 50 هزار خرچ جي ڀيٽ ۾ 22 ڪروڙ، 93 لک ۽ 20 هزار رپيا اوڳاڙي ڪيا ويا. اهڙي ريت اداري کي 50 ڪروڙ، 48 لک ۽ 60 هزار روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. وڏي وزير کي پگھارن ۽ پينشن لاءِ 40 ڪروڙ جي سالياني گرانٽ ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي. وزير صنعت چيو ته سائيٽ ڪوٽڙي ۽ ناردرن بائي پاس ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي حالت به خراب آهي، بحالي لاءِ فنڊن جي ضرورت آهي. ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ڪراچي، حيدرآباد، نصرپور، ڪشمور، موهن جي دڙي ۽ اسلام آباد ۾ قائم ڪيل تربيتي مرڪزن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اداري جي آمدني جو ذريعو بڻجي سگهي. صنعت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام وڏي وزير کي 60 ڪروڙ رپين جي هڪ ڀيرو رليف پيڪيج جي درخواست ڪئي ته جيئن پگهار ۽ پينشن جو مسئلو حل ڪيو وڃي. هن چيو ته سالياني گرانٽ 40 ڪروڙ رپين مان وڌائي 60 ڪروڙ رپيا ڪئي وڃي. اداري ۾ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم پڻ متعارف ڪرائي سگهجي ٿي. اجلاس دوران سمال انڊسٽريز روهڙي، ناردرن بائي پاس ۽ سکر ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي تي به غور ويچار ڪيو ويو جنهن لاءِ هڪ ارب رپيا گهربل هوندا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سائٽ ڪورنگي (فيز 2)، نارٿ ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري، ايف بي ايريا ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري، لانڍي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري ۽ ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري سميت مختلف صنعتي علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي سار سنڀال لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا گهربل آهن. وڏي وزير صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو مختلف سائيٽن ۽ ننڍين صنعتن لاءِ تفصيلي ترقياتي رٿائن ۽ الڳ امدادي پيڪيج جا تفصيل جمع ڪرائين ته جيئن ضروري فيصلا ڪري سگهجن. ان دوران سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سائيٽن ۽ ننڍين صنعتن کي ٻيهر منظم ڪيو وڃي ته جيئن اهي پروفيشنل بنيادن تي ڪم ڪري سگهن ۽ مالي طور مستحڪم ٿي سگهن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے