عالمي سامراج جي پاليل ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي پٺو حڪمرانن قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي حقيقي وفاقي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ بڻائڻ بدران ملڪ جي خالق سنڌ ۽ ٻين ايڪائين ۽ قومن جي ڦرلٽ وارو ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ کي قائداعظم جي جمهوري اصولن کي پائمال ڪري اڻ سڌي طرح مارشل لا لاڳو ڪئي وئي آهي. هڪڙي طرف آمريڪي نواز حڪمرانن پاڪستان ٺهڻ شرط هڪ سازش تحت سنڌ جون زمينون، وسيلا، درياءَ، ٻيٽ، بندرگاهه، تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ، تيل، گيس، ڪوئلو، شهر، مال ملڪيت ۽ اقتدار اعلى مٿان طاقت جي زور تي قبضو ڪيو ويو. سنڌ جا شهر ٻاهران آيل ماڻهن حوالي ڪيا ويا، سنڌ جون زمينون اويڪيو پراپرٽي ۽ ڪوڙن ڪليمن جي نالي ۾ سنڌين بدران ٻاهران آيل ماڻهن کي ڏئي سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي دخل ڪيو ويو. ٻئي طرف عملي طور ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني بدران طاقت جي زور تي ملڪي ڪارونهوار هلايو ويو. عدالتن کي يرغمال بنايو ويو. صوبن جي حق حڪمراني مٿان قبضو ڪيو ويو. ملڪ ۾ ون يونٽ نافذ ڪري ننڍين قومن جي وسيلن ۽ مال ملڪيت جي ڦرلٽ ڪئي وئي. 1971 ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪيو ويو. هن وقت به هڪڙي پاسي معاشي ترقي جي ڪوڙي نعري هيٺ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جوڙي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين سميت ملڪ جي 44 لک ايڪڙ زمين عسڪري ادارن سان لاڳاپيل ڪمپنين ذريعي غير ملڪي ڪمپنين ۽ قبضا مافيائن حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي ته ٻئي پاسي 26 هين آئيني ترميم وسيلي بنيادي انساني حق کسيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌي جج مقرر ڪرڻ تي اڻ اعلانيل بندش مڙهيل آهي. اڳوڻي پهرين پي ڊي ايم حڪومت ۾ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ 54 کان وڌيڪ قانون پاس ڪيا ويا ۽ هاڻي 26 هين آئيني ترميم ۾ بنيادي انساني حق کسي صوبن جون زمينون ۽ پاڻي تي قبضو ڪرائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويئي آهي. سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته 26 هين آئيني ترميم وسيلي حڪمرانن زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف امڪاني عدالتي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ڪورٽن کي لولو لنگڙو بنائي ڇڏيو آهي. 26 هين ترميم وسيلي سپريم ڪورٽ جا پر ڪٽيا ويا آهن جيئن سپريم ڪورٽ آئين کان مٿانهين اداري اسپيشل انويسٽمينٽ ڪائونسل خلاف هڪ لفظ به ڪڇي نه سگهي. سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽشن ڪائونسل جوڙي آئين جي سنگين لتاڙ ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي جي بلاول ڀٽي زرداري جي وزيراعظم ٿيڻ جي لالچ ۾ 26 هين آئيني ترميم پاس ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو. بلاول ڀٽي ڪرسي خاطر 26 هين آئيني ترميم پاس ڪرائي.
عوامي تحريڪ جو مرڪزي ڪنوينشن هي مطالبو ٿو ڪري ته:
ملڪ جي آئين جو بنياد 1940 جي لاهور قرارداد ۽ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947 واري تقرير تحت رکيو وڃي.
ملڪ ۾ اڻ سڌي ريت مارشل لا لاڳو آهي. هر ادارو يرغمال بنيل آهي. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪئي وڃي.
ارسا ايڪٽ ترميم سنڌو ڌرياهه تي ڌاڙي جي سازش آهي. ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس ملڪي آئين جي آرٽيڪل 154 ۽ 155 جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس فوري طور ختم ڪيو وڃي.
ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن لاءِ سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيوٽ لميٽيڊ ڪمپني حوالي ڪري سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. اها زمين ڪمپني کي ڏيڻ بدران سنڌ جي بي زمين مقامي هارين کي ڏني وڃي.
پنجاب طرفان گريٽر ٿل ڪينال، ڪڇي ڪينال، ريڻي ڪينال، چشما رائيٽ بينڪ ڪينال ۽ چولستان فلڊ فيڊر ڪينال جا 6 نوان ڪينال ڪڍي سنڌو درياه کي ختم ڪرڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي وئي آهي. عالمي قانون ۽ ملڪي آئين تحت سنڌ جي عوام جي مرضي بنا سنڌو درياه تي ڪو به ڊيم يا ڪينال اڏڻ جو پنجاب يا ٻي ڪنهن به ڌر کي ڪو ب حق حاصل ناهي. 6 ڪينال ڪڍڻ جو ڪم فوري بند ڪيو وڃي.
سنڌ کي هٿ وٺي ڌاڙيل راڄ حوالي ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي جا سردار ۽ وڏيرا ڌاڙيلن جا سهولتڪار بڻيل آهن. ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وصول ڪرڻ هڪ ڪاروبار بنجي چڪو آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ۽ سهولتڪاري ڪندڙ سردارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن.
بوگس ڊجيٽل آدمشماري نتيجا سنڌين کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش آهن، ڊجيٽل آدمشماري نتيجا فوري رد ڪري پنهنجي مقرر مدي تي ڊي جيوري طريقيڪار تحت آدمشماري ڪرائي وڃي.
سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جي روڪٿام لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. سنڌ ۾ رهندڙ لکين غير قانوني غير ملڪين کي فورن نيڪالي ڏني وڃي.
ملڪ تي قابض قوتن 26 هين آئيني ترميم پاس ڪري عدليه کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ڇڏيو آهي. 26هين آئيني ترميم ذريعي آئين جي آرٽيڪل 185 (اي) ۾ ڪيل ترميم صوبائي خودمختياري تي حملو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ هڪ به سنڌي جج شامل ناهي. 26هين آئيني ترميم کي فوري طور ختم ڪري سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ سميت سمورن ننڍن صوبن کي برابر جي نمائندگي ڏني وڃي.
ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ جيڪي اسم صوبن جا آهن انهن جون غير آئيني وفاقي وزارتون ختم ڪري اختيار مڪمل طور تي صوبن کي ڏنا وڃن.
آئين ٽوڙيندڙ سمورن آمرن ۽ جابرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 19 اي اظهار جي آزاديءَ جو حق ڏئي ٿو. نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جوڙڻ اظهار جي آزادي مٿان حملو آهي. صحافت ۽ اظهار جي آزادي جي رستا روڪ ڪندڙ نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ پيڪا آرڊيننس جهڙا سمورا ڪارا قانون فوري طور ختم ڪيا وڃن.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اداري کي نوڪرين جي وڪري جي منڊي بڻايو ويو آهي. نوڪرين جي وڪري جو ڪاروبار ختم ڪري ذميوار آفيسرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
ميڊيڪل ٽيسٽ سميت مختلف چٽاڀيٽي امتحانن جا پيپر وڪرو ٿيڻ روز جو معمول بنيل آهن. پرچا وڪرو ڪندڙ مافيا کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. گڏوگڏ ان ۾ ملوث اعلي عملدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
سنڌ ۾ 70 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. انهن ٻارن جي تعليم لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن. گڏوگڏ سنڌ جي سوين بند پيل اسڪول کولي سنڌ ۾ تعليمي واڌاري لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.
سنڌ جا قدرتي ۽ معدني وسيلا، تاريخي ماڳ سنڌي قوم جي ملڪيت آهن. انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي.
ڪارونجهر جبل کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏئي ان کي ميساريندڙن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ فوري اپاءُ ورتا وڃن.
سنڌ اندر وڏيون جاگيرون ختم ڪري، زمين بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن.
سڱ چٽي، ڪاروڪاري ۽ ٻين اهڙين عورت دشمن ۽ انسان دشمن ريتن رسمن خلاف سخت قدم کنيا وڃن. عورتن جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. ڪاروڪاري ۽ سڱ چٽي جهڙين ڪارواين ۾ ملوث جوابدارن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
بينظير انڪم سپورٽ ۽ بينظير هاري ڪارڊ جهڙن اسڪيمن بدران سنڌ جي غريب هارين، مزدورن ۽ عورتن کي باوقار ۽ عزت ڀريو روزگار فراهم ڪيو وڃي.
ملڪ جي مقتدر قوتن طرفان جبري طور ملڪي ادارن ۾ بي جا مداخلت سبب ملڪي ادارا پنهنجي ساک وڃائي عوام لاءِ بي ثمر ۽ غير موثر بنايا ويا آھن جيڪا فوري طور بند ڪري ادارن کي ڪنهن به بيجا مداخلت کان پاڪ ڪري اعليٰ ۽ خودمختيار بنايو وڃي ۽ نج منصفاڻي بنياد تي عوامي مسئلا ٻڌا ۽ حل ڪيا وڃن.
ملڪي سلامتي جي نالي ۾ نج سياسي ۽ گروھي مفادن تحت ملڪ ۾ ٿيندڙ غير آئيني غير جمھوري ۽ عدالت کان مٿاهان ۽ ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ ۽ نوجوانن جا چچريل لاش ڏئي ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ خوف واري فضا قائم ڪري قومي ايڪاين مٿان ظلم ڏاڍ، تشدد ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري
عوامي تحريڪ
Kashif Mallah
Central Media Secretary
Awami Tahreek
contact#
03483228962
03332736173
Postal Address: Banglow No#: D-10 Palijo House Prince Town,Phase 2, Wadhu Wah Road, Qasimbad, Hyderabad, Sindh Pakistan.
27 آڪٽوبر 2024 تي بتول هال قاسم آباد ۾ ٿيل عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪنوينشن ۾ پاس ڪيل قراردادون: