دسمبر 1, 2024


آفاق ڀٽي
ھن سال جي ماحولياتي مارچ جو عنوان “ زندگي” آھي. اسان سنڌ واسين جي زندگي سنڌو درياھھ ئي آھي. وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آھي تھ سنڌو درياھھ مان وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍي چولستان ۽ ٻين غير آباد علائقن کي آباد ڪيو وڃي. سنڌ واسي سنڌو درياھھ تي وفاقي اعلان تحت وڌيڪ ڪنھن بھ ڪئنال، بئراج ۽ ڊيم ٺاھڻ کي سختيءَ سان رد ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تھ پاڻي ئي زندگي آھي. ھن وقت سنڌ صوبو پيئڻ توڙي زرعي پاڻي جي سخت کوٽ جو شڪار آھي. سنڌ کي اڳ ئي دنڌو درياھھ مان آئيني طور تي ٿيل معاھدي تحت پنھنجي حصي جو پاڻي نھ ٿو ملي، مٿان وري نوان ڪئنال ٺاھي سنڌ کي سُڪائڻ، زمينن کي بنجر بڻائڻ جون مڪروھھ سازشون ڪيون پيون وڃن. وڌيڪ 6 ڪئنال ڪڍڻ جي نتيجي ۾سنڌو درياھھ جو پاڻي سنڌ ۾ نھ اچڻ سبب سموري سنڌ بدترين ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ زراعت ختم ٿي ويندي، مٺي پاڻي جا جَر ۽ کوھھ سڪي ويندا نتجي طور سنڌ برباد ٿي ويندي، جيڪا سنڌ خلاف ھڪ وڏي سازش آھي.
ٿر مان ڪوئلي نڪرڻ جي ڪري ماحول جي جيڪا تباھي ٿي آھي، اھا اسان جي سامھون آھي، ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ بند ڪيو وڃي، ان جي متبادل طور تي ھوا ۽ سج جي روشني وسيلي بجلي پيدا ڪئي وڃي، جيڪا سستي ۽ ماحول دوست آھي، اھڙن منصوبن کي ھٿي وٺرائڻ گھرجي.
کير ٿر نيشنل پارڪ تان قبضا ھٽائي، ان کي اصلي حالت ۾ بحال ڪيو وڃي، جانورن، پکين، وڻن، ٻوٽن لاءِ موافق ماحول کي بچائي ڪارونجھر جبل کي بين الاقوامي ورثو قرار ڏنو وڃي.
ٻيلي کاتي سنڌ کان مطالبو ڪجي ٿو تھ ٻيلن جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي، نوان ٻيلا لڳرائي، سنڌ ۾ موجود سمورن ٻيلن جي ايراضي جي ماپ ڪرائي، انھن جا سروي نمبر الاٽ ڪيا وڃن، جنھگلي جيوت کاتو سنڌ صوبي ۾موجود سمورن جانورن جي ماڳن بابت رڪارڊ رکيو وڃي، جنھن بابت عوام کي بھ آگاھي ڏني وڃي.
سنڌ حڪومت اعلان ڪيو آھي تھ ڪينجھر ڍنڍ مٿان سولر پليٽون وڇائي بجلي تيار ڪئي ويندي، ماحولياتي ماھرن جو چوڻ آھي تھ سولر وسيلي بجلي تيار ڪرڻ بھتر عمل آھي، پر ڪينجھر مٿان سولر پارڪ قائم ڪرڻ سان ڍنڍ تباھھ ٿي ويندي، ڪينجھر ڍنڍ جو پنھنجو فطرتي ماحول آھي، جتي پکي اچي پسار ڪن ٿا، مختلف قسمن جون مڇيون ۽ آبي جيوت جو مسڪن آھي، ان کان سواءِ ڍنڍ تفريحي ماڳ پڻ آھي.
سنڌ ۾ ڪراچي شھر لڳ سمنڊ موجود آھي، جتي حڪومت سولر پارڪ قائم ڪري بجلي پيدا ڪري سگھي ٿي. اڇڙي ٿر، ڪوھستان، کير ٿر جبل، سامونڊي ڪنارا، ٻيٽ، ٿر جو ڀٽون ۽ ٻين قدرتي ماڳن ۽ مڪانن جون ليزون ڏيڻ بند ڪيون وڃن.
سيپا جيڪو ماحول کي تحفظ مھيا ڪرڻ وارو کاتو آھي، جيڪو ماحول دشمن ادارو بڻجي چڪو آھي. سيپا اندر سڌارا آڻي سيپا جي قانون تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي، ماحوليات بابت موجود قانون ۾ ترميمون آڻي، ملوث ڪردارن کي جيل موڪليو وڃي ۽ گھٽ ۾ گھٽ 10 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو وڃي ۽ پکين توڙي ناياب جانورن جي شڪار تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي.ملير ايڪسپريس وي، بحريھ ٽائون جھڙن سنڌ دشمن منصوبن کي ٻنجو ڏنو وڃي.
تمر جي وڻن جي واڍي بند ڪرائڻ سميت ان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي، انڊس ڊيلٽا جي بچاءَ ۽ بحالي لاءِ ڪوٽڙي بئراج کان ڊيلٽا جي حصي جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي. زھريلا مادا توڙي زھريلو دونھون خارج ڪندڙ فيڪٽريون ۽ انڊسٽريون بند ڪيو وڃن. سنڌو درياھھ سميت سمورين ندين، واھن منجھان مٽي، واري ڪڍڻ تي سخت پابندي لڳائي وڃي.
اسان سنڌ واسين کي قدرت پاران “سنڌ جي ڌرتي” تحفي طور مليل آھي، جنھن ۾موجود سمورن وسيلن ۽ ماحول کي برقرار رکڻ توڙي انھن جو ھر طرف کان تحفظ ڪرڻ اسان سمورن سنڌ واسين جو فرض آھي، ان ڪري اسان سنڌ واسين کي پنھنجي ڌرتي کي گدلي ٿيڻ کان بچائڻ، خوبصورت بڻائڻ گھرجي، جيئن سڌريل ملڪ پنھنجي ڌرتي ۽ ان سان لاڳاپيل سمورن وسيلن توڙي آبھوا کي موافق بڻائڻ لاءِ جديد ۽ سائنسي بنيادن تحت حڪمت عملي جوڙي فطرت کي تحفظ فراھم ڪري رھيا آھن، اھڙي طرح سان اسان کي بھ فطرت سان پيار ڪرڻ گھرجي، تھ جيئن اسان جو ايندڙ نسل ماحولياتي تباھي کان بچي سگھي

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے