دسمبر 2, 2024


حيدرآباد عوامي تحريڪ جي مرڪزي اليڪشن جون تياريون مڪمل، بيلٽ پيپرز ڇپجي ويا. عوامي تحريڪ جي پارٽي اليڪشن ڪمشنر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته مرڪزي ڪميٽي جي 29 سيٽن لاءِ 45 اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، 846 مرڪزي ڪائونسلر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. عوامي تحريڪ پاڪستان جي واحد پارٽي آهي، جيڪا پارٽي اندر جمهوري عمل کي برقرار رکندي پئي اچي. 2016ع ۾ عوامي تحريڪ جي بحال ٿيڻ کانپوءِ عوامي تحريڪ جي هي ڇهين اليڪشن آهي، هر ٻن سالن کانپوءِ پارٽي هيٺيان کان مٿي تائين چونڊ جي عمل مان گذري ٿي. عوامي تحريڪ تنظيمي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۾ يقين رکندڙ آهي ۽ اها سمجهي ٿي ته پاڪستان جي مظلوم عوام جمهوري عمل، ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل فيصلن ذريعي هڪ سگهاري تنظيم حاصل ڪري سگهي ٿي. مرڪزي اليڪشن کان اڳ يونٽن، تعلقن ۽ ضلعن جون اليڪشنون ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ جي اليڪشن شفافيت جي هڪ مثالي اليڪشن آهي. عوامي تحريڪ پارٽي اندر جمهوريت کي مضبوط ڪيو آهي، عوامي تحريڪ پاڪستان جي اها واحد پارٽي آهي، جيڪا ڪنهن به فرد جي ملڪيت ناهي، بلڪه عوامي تحريڪ جا جمهوري ادارا هيٺ کان مٿي تائين بااختیار ادارا آهن. عوامي تحريڪ هڪ متحد ۽ منظم پارٽي آهي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے