ڪراچي پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پنھنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آھي ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري پروگرام جو بنياد 1994ع ۾ بطور وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو رکيو, اسين خاتون اول محترمه آصفہ ڀٽو زرداري (برانڊ ايمبيسيڊر براء انسداد پولیو پاڪستان) جي قيادت م پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پر اميد آهيون. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاه وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري کي پوليو جا پھريون ڦڙا پياري مثال قائم ڪيو,پوليو وائرس نه رڳو عمر ڀر جي معذوري جو سبب بڻجي ٿو، پر اسان جي ٻارن جو مستقبل به تباهه ڪري سگهي ٿو, پوليو هڪ خطرناڪ مرض آهي جيڪو ٻارن ۾ معذوري جو سبب بڻجي ٿو. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو چوڻ ھو ته پوليو کان بچاءُ لاءِ اسان کي پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا لازمي پيئارڻ کپن, اسان جا ٻار اسان جو مستقبل آهن، انهن کي پوليو وائرس کان بچائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي, پوليو ويڪسينيشن مهم دوران شهيد ٿيندڙ هيلٿ ڪيئر ورڪرن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.