حيدرآباد: (پر) عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي صاحب جي گهر واري، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ناليواري قومي فنڪار جيجي زرينا بلوچ جي اوڻيهين ورسي جي موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، حاجي خان سمون، سرمد راڄپر ۽ ٻين عوامي تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن قاسم آباد ۾ جيجي زرينا بلوچ جي آخري آرامگاه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ کيس قومي گيتن ذريعي سلامي پيش ڪئي. اڳواڻن چيو ته جيجي زرينا بلوچ رسول بخش پليجي صاحب جي فڪر سان سلهاڙجڻ کان پوءِ روايتي لاڏن کي ڇڏي ڪري هڪ بهترين قومي انقلابي راڳي ٿي اُڀري ۽ سڄي سنڌ ۾ لطيف، اياز، استاد، منشي، سرويچ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي سنڌ سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ داد ماڻيو. هنن وڌيڪ چيو ته جيجي هڪ بهترين استاد ۽ ليکڪ پڻ هئي. پارٽي جي ڪارڪنن کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي. جيجي جيلن ۾ ويئي، سياسي سرگرمين دوران اهلڪارن جي لٺبازي ۾ هن جا مٿا ڦاٽا، حملا ٿيا پر آخري گهڙي تائين پارٽي ۽ رهبر رسول بخش پليجي صاحب سان سچي رهي. سنڌياڻي تحريڪ جي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ شاندار جدوجهد رهي آهي. هن وقت به سنڌ جي هن ڊگهن وارن واري فوج کي منظم ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي. عورت سماج جي اڌ آبادي آهن انهن کان سواءِ ڪا به تبديلي ممڪن ڪونهي، اسان جي قائد جو فڪر ئي اهو آهي ته عورت ويڙهه جو صف اول دستو آهي! جيجي زرينه بلوچ جي زندگي مان سبق پرائي اسان کي پنهنجي فڪري لائين تي عمل ڪري پنهنجي منزل طرف وڌڻ کپي.