دسمبر 2, 2024

ڪراچي

سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ملڪ ۾ ھڪ سياسي چرپر جاري ھُئي جيڪا ھاڻي پُڄاڻي تي پھتي آھي، سنڌ سرڪار کي اڳواٽ ئي چيئرمين بلاول ڀٽو زردارڳ ۽ صدر آصف علي زرداري ھدايتون جاري ڪري رکيون ھُيون تھ عوامي ڀلائي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ وارن ڪمن تي ڌيان ڏنو وڃي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪراچي جو گذريل ڏينھن ڪراچي شھر جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ ھڪ ئي ڏينھن ۾ 6 رٿائن جو افتتاح ڪيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار ھر شعبي ۾ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن.
ڪراچي ۾ سوشل اينڊ اليڪٽرانڪ ميڊيا ڊائريڪوريٽ ۾پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڊائو ميڊيڪل ڪيمپس کي 2320 ميگا واٽ جو سولر پروجيڪٽ سان سولرائز ڪيو ويو آھي، ڪراچي سينٽرل جيل کي مڪمل طور تي سولرائز ڪيو ويو آھي، توانائي وارو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھھ ۽ سندس توانائي کاتي جي ٽيم نھايت فعال آھي، صوبي جي مختلف ضلعن ۾ سولرائزيشن جو ڪم جاري آھي، 656 اسڪولن ۽ 211 رورل ھيلٿ سينٽرز جي سولرائزيشن جو بھ ڪم جاري آھي.
ھن چيو تھ سنڌ سرڪار جي اوليت آھي تھ صوبي جي عوام کي توانائي جي متبادل ۽ سستن ذريعن سان بجلي ڏني وڃي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب سنڌ جي 2 لک گھراڻن کي سولر سسٽم ڏنو پيو وڃي، سڄي عمر ھاني اُنھن ماڻھن کي بجلي جا بل ڀڙنا نھ پوندا، ناڪاري شيون ھاءِ لائيٽ ٿينديون آھن، ملڪ ۾ جيڪي ڪم صحيح ريت گرائونڊ تي ٿي رھيا آھن اُنھن کي بھ ھاءِ لائيٽ ڪرڻ گھرجي، چيئرمين بلاول ڀٽو ھاري ڪارڊ جاري ڪيا، گذريل حڪومت ۾ مزدور ڪارڊ جاري ڪيا ويا، 21 لک ماڻھن کي نوان گھر ٺاھي ڏنا پيا وڃن، ھاڪاري ڪم کي اجاگر ڪرڻ گھرجي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آھي اُن ڪري سنڌ سرڪار ھاري ڪارڊ ذريعي 20 ارب رُپيا جاري ڪري چڪي آھي، ھر سٺي منصوبي جي شروعاتا سنڌ سرڪار ڪندي آھي جنھن جي ٻيا صوبا تائيد ڪندا آھن.
ھن چيو تھ ٽرانسپورٽ واري شعبي ۾ ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون آنديون پيون وڃن، يلو لائن بي آر ٽي تي تيزي سان ڪم جاري آھي، سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھرئين ڀيري ماحول دوست اي وي بسز، پنڪ بس سروس شروع ڪئي، اسان جلد اي وي ٽيڪسيز شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھن، مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ ٽيڪسيز ھونديون.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ مسئلا ھُئا، نگران سيٽ اپ ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي جي ھڪ بھ سر نھ لڳائي وئي، جنھن جي ڪري عوام کي مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پيو، ايڪسائز کاتي گاڏين جي آن لائن رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ سرڪار جا سمورا کاتا بھترين انداز ۾ ڪم ڪري رھيا آھن.
ھن چيو تھ 26ھين آئيني ترميم پارلياماني پارٽين جي اتفاق راءِ سان خير سان ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان منظور ڪئي وئي آھي، سمورين پارٽين اتفاق راءِ جو مظاھرو ڪيو، جڏھن مولانا فضل الرحمان ڊرافٽ پيش ڪيو تھ پي ٽي آءِ چيو تھ اسان کي مولانا فضل الرحمان جو ڊرافٽ منظور آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي کي عدليا جي ڪجھھ ججن پاران بدترين انتقام جو نشانو بڻايو ويو، پر پيپلز پارٽي ڪڏھن بھ ڪنھن جي خلاف ڪا مھم ناھي ھلائي، اسان جي لاءِ نئون چيف جسٽس ۽ سمورا معزز جج احترام لائق آھن، پي ٽي آءِ 26ھين آئيني ترميم کانپوءِ پيپلز پارٽي جي خلاف مھم شروع ڪري ڇڏي آھي، پر عوام کي پي ٽي آءِ جي باني جي حقيقت ياد آھي، موصوف جنرل پرويز مشرف جي ڪھڙي ريت حمايت ڪئي، سندس پاران جنرل باجوا جي تعريف ۾ قصيدا پڙھيا ويا، جڏھن ھي اقتدار ۾ ھوندو آھي تھ اُن کان وڏو چاپلوس ۽ ڪمپرومائزڊ ناھي ھوندو، عمران خان جنرل باجوا کي چيو تھ آئون اوھان کي تاحيات ايڪسٽينشن ڏيڻ لاءِ تيار آھيان منھنجي حڪومت بچايو.
ھن چيو تھ اسرائيلي ميڊيا موصوف جي پارٽي جي حق ۾ مھم ھلائي رھي آھي، جيڪي ڊاڪٽر اسرار احمد مرحوم جي ڳالھين کي درست ثابت ڪن ٿيون تھ موصوف آمريڪا طرفان لانچ ڪيو ويو آھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھي سياسي الزام ناھي پر عمران خان اسرائيل جو پروجيڪٽ آھي، سوشل ميڊيا ذريعي ڀائرن کي ڀائرن سان ويڙھائڻ، ملڪ ۾ عوام کي ورھائڻ پولرائزيشن وڌائڻ لاءِ اسمارٽ طريقي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، اھڙي قسم جو پروجيڪٽ گولڊ اسمٿ، مشن گولڊ اسمٿ تحت ڪيل حرڪتن سان پاڪستان کي نقصان پھچي رھيو آھي. عمران خان جي گرفتاري جي وقت اسئرائيلي جي سرڪاري سفارتڪار سندس گرفتاري تي ساڻس ڀرپور ھمدردي جو اظھار ڪيو.
ھن چيو تھ پاڪستان جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ھر مشڪل وقت ۾ عظيم ترين قربانيون ڏنيون آھن، پيپلز پارٽي پنھنجي سمورن شھيدن جو ڏينھن ملھائي ٻڌائيندي آھي تھ ھن پارٽي پاڪستان لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آھن.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بشريٰ بيبي ۽ عمران خان جي ڀينرن تي آزادي تي خوشي جو اظھار ڪيو ۽ چيو تھ آئون قسم کڻي چوان ٿو تھ ڪنھن بھ عورت جي گرفتاري تي ڏُک ٿيندو آھي، اسان جي ليڊر محترمھ فريال ٽالپر کي عيد جي رات گرفتار ڪيو ويو، ڪنھن جي ڀيڻ ۽ وني جي گرفتاري تي پيپلز پارٽي خوش ناھي ٿيندي، مائرون ڀينرون سڀني کي پياريون ھونديون آھن، اسان ڪنھن جي گھر ڀاتين جي گرفتاري تي خوش ناھيون ٿيا.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ھر کاتي جو ھڪ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ آھي ۽ جيڪو آفيسر ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندو اُن خلاف ڪارروائي ٿيندي، حڪومت امن امان جي لاءِ پوليس جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رھي آھي، ڏوھارين خلاف ايڪشن ٿي رھيو آھي، جنھن جي ڪري ڏوھن جي شرح ۾ گھٽتائي آئي آھي، پوليس ڪم ڪري رھي آھي، سنڌ جو گھرو وزير ۽ وزير اعليٰ مڪمل مانيٽرنگ ڪري رھيا آھن.
ھن چيو تھ اسان پنھنجي ڳالھھ بھ ڪندا آھيون پر جمھوريت اتفاق راءِ کي بھ مڃون ٿا، اُن لاءِ سڀني کي گڏ کڻي 26ھين آئيني ترميم منظور ڪئي وئي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سرڪار عدليا جي بھتر ي لاءِ ڪم ڪري رھي آھي، بي آر ٽي ريڊ لائن جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو، اُن کي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے