سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيد اويس قادر شاهه کي سنڌ جي وقتي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ سنڌ ڪابينا جا وزيرَ ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي گهرو ۽ قانون، پارلياماني معاملن ۽ ڪرمنل پراسيڪيوشن کاتي جو وزير ضياءَ الحسن لنجار، صنعت ۽ واپار وارو وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز وارو وزير سيد ذوالفقار شاهه، آبپاشي ۽ خوراڪ وارو وزير ڄام خان شورو، يونيورسٽين ۽ بورڊز جو وزير محمد علي ملڪاڻي، ماحولياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي وارو وزير دوست محمد راهمون، سماجي ڀلائي وارو وزير مير طارق علي ٽالپر، چيئرمين نان مسلم ويلفيئر ڪميٽي مڪيش ڪمار چاولا، چيئرمين اسٽيوٽا سليم رضا جلباڻي ۽ ايم پي اي گيان چند ايسراڻي پڻ موجود هئا.
ملاقات ۾ صوبي جي موجوده سياسي صورتحال ۽ امن امان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وقتي گورنر سيد اويس قادر شاهه سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.
وقتي گورنر سيد اويس قادر شاهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت جي عوامي ڀلائي جي پروجيڪٽن ۽ صوبائي وزيرن جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪوششن کي پڻ ساراهيو.