دسمبر 1, 2024

وفاقي حڪومت سنڌ صوبي جي ضرورت موجب 1600 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائي، وزير توانائي ناصر شاهه

وفاق تحت تيل ۽ گئس سان لاڳاپيل ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن ۾ سنڌ جي نمائندگي شامل ڪئي وڃي، وزير توانائي ناصر شاهه جو اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب

ڪراچي سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ هن وقت ملڪ ۾ 1800 ايم ايم سي ايف ڊي کان 2000 ايم ايم سي ايف ڊي (MMCFD) جي مجموعي پيداوار سان سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ صوبو آهي. هن وقت سنڌ کي 900 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ضرورت 1600 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي آهي. آئين جي آرٽيڪل 158 تحت جنهن صوبي مان گئس نڪرندي ان جي عوام جو پهريون حق آهي، جنهن تي عمل نه پيو ٿئي ۽ سنڌ صوبي جو عوام گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڊائريڪٽوريٽ آف آئل اينڊ گيس جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي توانائي کاتي جو سيڪريٽري مصدق احمد خان، چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه، ڊائريڪٽر آئل اينڊ گيس خادم حسين ۽ عامر مجبتيٰ پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ توانائي واري وزير ناصر شاهه کي ٻڌايو ويو ته آئين جي آرٽيڪل 172 (3) موجب معدني تيل ۽ قدرتي گئس وفاق ۽ صوبن وچ ۾ برابر ورهائڻ گهرجي ۽ ساڳئي آرٽيڪل تحت وفاق پاران جوڙيل تيل ۽ گئس سان لاڳاپيل ڪيترين ئي ڪمپنين جهڙوڪه پي ايس او، پي پي ايل، او جي ڊي سي ايل، اوگرا، سوئي سدرن گيس وغيره جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن ۾ سنڌ جي نمائندگي هجڻ گهرجي پر ڪيترن ئي ڪوششن کانپوءِ به سنڌ جي نمائندن کي شامل نه ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نگران حڪومت 35 سيڪڙو قدرتي گئس ٿرڊ پارٽي کي وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ٽائيٽ (TIGHT) گيس پاليسي 2024 جي منظوري ڏني جيڪا سندن اختيار نه هئي. ان کان علاوه وفاقي حڪومت نئين ايل اين جي پاليسي متعارف ڪرائڻ واري آهي جنهن تي سنڌ حڪومت کي سخت خدشا آهن. ان موقعي تي توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته وفاق تحت تيل ۽ گئس سان لاڳاپيل ڪمپنين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرن ۾ سنڌ جي نمائندگي شامل ڪئي وڃي. هو آئين جي آرٽيڪل 158 ۽ آرٽيڪل 172 (3) تي عملدرآمد لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندو ۽ مطالبو ڪندو ته ان تي جلد کان جلد عملدرآمد ڪرايو وڃي، جيڪو صوبن ۽ عوام جي مفاد ۾ هجي. ان موقعي تي توانائي واري وزير هدايت ڪئي ته تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ روينيو وڌائڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته گئس جي حوالي سان سنڌ صوبي جا صارف اسان جي اولين ترجيح آهن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے