دسمبر 1, 2024


نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزير توانائي سيد ناصر حسين شاهه
مقابلي جو رجحان نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ناصر شاهه جو نمل يونيورسٽي جي شاگردن سان خطاب.
ڪراچي صوبائي وزير توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي روزگار فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن نمل يونيورسٽي ڪراچي ڪيمپس نارتھ ناظم آباد ۾ پهرين آل ڪراچي بين الجامعات تقرير مقابلن ۾ شاگردن سان خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جتي شهر جون 20 کان وڌيڪ يونيورسٽيون ۽ تقريباً 38 شاگردن شرڪت ڪئي. تقريب دوران وزير توانائي ناصر شاهه چيو ته مقابلي جو رجحان نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان جا نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ مستقبل ۾ انهن کي ملڪ جي واڳ سنڀالڻي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي آڻڻو آهي. هن نمل يونيورسٽي ۾ نوجوانن جون تقريرون ٻڌي اهو محسوس ٿيو ته اسان جي نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن. نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪندڙ ادارن کي حڪومت قدر جي نگاه سان ڏسي ٿي ۽ انهن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي آهي. نوجوانن جي صلاحيتن کي ڏسي اهو محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. صوبائي وزير چيو ته تعليمي ادارن ۾ مثبت سرگرمين سان سماج ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. نوجوانن کي تعليمي سرگرمين تائين رسائي ڏيڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ناصر شاهه چيو ته نمل يونيورسٽي جي عمارت کي سولرائزيشن ڪرڻو پوندو ته جيئن هتي جا شاگرد بنا روڪ بجليءَ جي ماحول ۾ آرام سان تعليم جاري رکي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ دشمن عنصرن پاڪستان بابت دهشتگردي ۽ ٻين عنصرن سان لاڳاپيل جيڪو منفي پروپيگنڊا ڪيو آهي، ان کي ملڪ جي عوام ۽ نوجوانن مڪمل طور تي رد ڪيو آهي. حڪومت جي مثبت ۽ عوام دوست پاليسين سبب ملڪ جي مثبت تصوير، ملڪ ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيڻ سان گڏوگڏ تيزي سان وڌي رهيو آهي. تقريب دوران نمل يونيورسٽي جي ريجنل ڊائريڪٽر بريگيڊيئر (ر) علي حيدر ڪاظمي چيو ته نمل يونيورسٽي نوجوانن ۾ مثبت سرگرمين کي وڌائڻ ۽ انهن جي اڳواڻي واري صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اڄ جي هيءَ تقريب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. تقريب ۾ پي پي ضلعي سينٽرل جي انفارميشن سيڪريٽري اسد حنيف سان گڏ ڊاڪٽر شهلا، ڊاڪٽر صابر، ڊاڪٽر حسن احمد، ڊاڪٽر فضل حسين سميت مختلف ڪاليجن جا پرنسپال پڻ شرڪت ڪئي.
هينڊ آئوٽ نمبر…814 ايم يس ايس

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے