دسمبر 1, 2024

ڪراچي

گرين انرجي کي ھٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۾ ٻارڻ جي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ اھم قدم طور، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اي ٽربو جي اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن ( اي بائيڪس) جي لانچنگ جي تقريب ڪراچي ۾ ٿي، جنھن جي صدارت سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪئي.
ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ اي وي بائيڪس جي لانچنگ تقريب ۾ اي وي بائيڪس جي افتتاح کانپوءِ خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اي وي بائيڪس لانچ ڪرڻ تي ڪمپني کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو تھ اسان کي اھو اعزاز حاصل آھي تھ اسان پھرين ئي سنڌ ۾ اي وي بسون متعارف ڪرايون آھن ۽اسان جو ايندڙ ھدف جلد کان جلد اليڪٽرڪ ٽيڪسيون متعارف ڪرائڻ آھي.
ھن چيو تھ حيدرآباد ۾ اي بائيڪس تيار ڪيون پيون وڃن، سنڌ سرڪار ڪمپني کي گذارش ڪئي آھي تھ اھا مقامي صنعت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ اليڪٽرڪ وھيڪل پلانٽ قائم ڪري.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪستان کي درپيش ماحولياتي للڪارن جي تناظر ۾ گرين انرجي تي زور ڏنو ۽ چيو تھ پاڪستان کي مھانگي ٻارڻ ۽ ماحولياتي تبديلي جي ڪري للڪارن جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي، ھڪ قوم طور اسان سڀني کي ھڪ ڪردار ادا ڪرڻو آھي، گرين انرجي ڏانھن منتقلي سان، اسان پيٽرول ۽ ڊيزل جا خرچ گھٽائي سگھون ٿا ۽ گڏوگڏ ماحول جو تحفظ بھ ڪري سگھون ٿا.
ھن چيو تھ اھا ڳالھھ حوصلو ڏيندڙ آھي تھ جلد ئي پاڪستان مان اليڪٽرڪ بائڪس جي ايڪسپورٽ شروع ٿيندي، جيڪا ملڪي معيشت جي لاءِ ھڪ ھاڪاري پيش اڳڀرائي آھي، ھن وقت شنگھائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس ٿي رھي آھي، اسان معيشت کي تيزي ٿيندي ڏسي رھيا آھيون ۽ اھو ضروري اھي تھ اسان اُن تي ڌيان ڏيون، اسان کي ايڪسپورٽ وڌائڻي آھي ۽ ناڪاري پروپيگنڊا کي نظر انداز ڪرڻو آھي ۽ ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ َآئون اي ٽربو جي ڪاميابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪريان ٿو، اسان کي اميد آھي تھ اي ٽربو ھنن بائيڪس کي سڄي دُنيا جي مارڪيٽن ۾ ايڪسپورٽ ڪندي، اسان اي ٽربو سان گڏجي ڪم ڪري سگھون ٿا، ان سان نوجوانن کي فائدو ٿيندو، اي ٽربو طرفان سٺا پروپوزل ڏنا وڃن، اسان حڪومتي سطح تي اي ٽربو کان ڊليوري بوائز لاءِ گاڏيون خريد ڪري سگھون ٿا.
تقريب جي پڄاڻي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ تقريب ۾ شامل روس، قطر، اومان ۽ ڪوريا جي سفارتڪارن کي شيلڊز پيش ڪيون.
تقريب بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اڄوڪو ڏينھن پاڪستان لاءِ اھم ڏينھن آھي ڇاڪاڻ تھ ملڪ ۾ منعقد ٿيڻ واري شنگھائي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن جا سربراھھ موجود آھن، جڏھن اھڙيون بين الاقوامي سرگرميون ٿينديون آھن تھ ھي پاڪستان لاءِ واپاري ۽ سفارتي ٻئي دروازا کولينديون آھن.
ھن چيو تھ آئون پي ٽي آءِ کي سنجيدگي جو مظاھرو ڪرڻ ۽ ھن اھم ايونٽ جي حساسيت جي روشني ۾ پنھنجي احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان سياسي مخالف آھيون دشمن ناھيون، ھي تمام ضروري آھي تھ اسان ملڪ کي تڪرارن ۾ وجھڻ کان پاسو ڪريون، ڇاڪاڻ تھ پاڪستان اسان جو گھر آھي ۽ جڏھن گھر خوشحال ھوندو آھي تھ اُن ۾ موجود ھر شخص بھ خوشحال ٿيندو آھي.
ھن چيو تھ آئون سمورين سياسي پارٽين کي درخواست ڪريان ٿو تھ اُھي ملڪ کي درپيش للڪارن کي منھن ڏيڻ ۾ ميچوئرٽي جو مظاھرو ڪن، مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آھي، افھام تفھيم کي ھٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ آئون سندس ڪوششن کي ساراھيان ٿو.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ آئين جو آرٽيڪل 10 سمورن شھرين جي حقن کي تحفظ ڏئي ٿو ۽ ڪنھن بھ صورت ۾ ڪنھن کي بھ تشدد جي اجازت ناھي، دُنيا جو ڪو بھ آئين اھڙو ناھي جيڪو احتجاج جي نالي تي تشدد جي اجازت ڏيندو ھُجي، اظھار راءِ جي آزادي ھڪ حق آھي، پر قانون کي ھٿن ۾ کڻڻ قبولڻ جوڳو عمل ناھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ڪنھن بھ آئيني ترميم لاءِ اتفاق راءِ جي ضرورت ھوندو آھي، نمبر مسئلو ناھن، پاڪستان پيپلز پارٽي چاھي ٿي تھ ترميمون اتفاق راءِ سان ٿين.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے