دسمبر 1, 2024

سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ ايجوڪيشن ورڪس جو اجلاس

ايجوڪيشن ورڪس جي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد سائيٽن جو دورو ڪنداسين. سيد سردار علي شاهه

ڪراچي سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري وزير سيد سردار علي شاهه ايجوڪيشن ورڪس جي آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته تعليم کاتي جون جاري ترقياتي اسڪيمون جلد مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن حڪومتي منصوبن مان فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ کاتي جي مجموعي ماحول بابت مثبت پهلو اجاگر ڪري سگهجي. ڪراچي ۾ اربع جي ڏينهن تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ سيڪريٽري اسڪولز ايجوڪيشن زاهد علي عباسي، ايگزيڪيوٽو انجنيئرز، ايڪسئينز، سپرنٽنڊنٽ انجنيئرز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي ايجوڪيشن ورڪس جي مختلف منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي، صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته هن وقت صوبي ۾ 598 ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، جن مان 125 اسڪيمون مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته 153 منصوبن جو 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏھن ته ٻين منصوبن تي پڻ به ڪم جاري آهي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه هدايت ڪئي ته عمارتن کي ماحولياتي اثرن کان بچائڻ لاءِ گهربل معيار جي پھلو کي نظر ۾ رکيو وڃي. هن ان ڳالھ تي زور ڏنو ته کاتي جي جاري منصوبن کي امڪاني ٻوڏ جي اثرن کان پڻ بچائڻ لاءِ گهربل ايس او پيز تي به عمل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جن اسڪولن جا پلاٽ ننڍا آهن، اتي عمودي (ورٽيڪل) منصوبن تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اسڪولن ۾ ميدان کي برقرار رکي سگھجي. صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه ان موقعي تي چيو ته هو جلد ايجوڪيشن ورڪس جي منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن جي سائيٽس جو دورو ڪندو جڏھن ته ڪارڪردگي بهتر نه ھئڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے