ڪراچي سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ بورڊ آف روينيو سنڌ پاران 62 ارب روپين کان وڌيڪ جي آر بي او ڊي منصوبي جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، آبپاشي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جي اي سميت لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشرن کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. اڱاري ڏينهن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن قاسم سراج سومرو، خرم ڪريم سومرو، سعديه جاويد سميت سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ڪيترن ئي ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي بورڊ آف روينيو کاتي جي سال 2019ع کان 2021ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو جي اختيارين 57 آڊٽ پيراز مان 6 آڊٽ پيراز جو رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ 62 ارب روپين کان وڌيڪ آر بي او ڊي منصوبي ۾ بي ضابطگين بابت آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيا جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آر بي او ڊي جو 62 ارب روپين کان وڌيڪ جو معاملو آهي ۽ اِهو منصوبو اڃان تائين مڪمل نه ٿيو آهي. اِهو ملڪي خزاني جو معاملو آهي جنهن کي ائين نه ٿا ڇڏي سگهون نه ئي ان کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ پي اي سي کي آر بي او ڊي منصوبي لاءِ حاصل ڪيل زمين ۽ ڪهڙي حساب سان زمين حاصل ڪئي وئي ۽ اِهو منصوبو ڪٿي پهتو؟ ۽ ان تي ڪيترا ارب لڳا ان جو حساب ڏنو وڃي. جنهن تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو چيو ته آر بي او ڊي ۾ 3 کان 4 ضلعا اچن ٿا ان لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ته لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ آبپاشي کاتي کان تفصيل وٺي رڪارڊ فراهم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اختيارين چيئرمين پي اي سي کي ٻڌايو ته آر بي او ڊي لاءِ زمين خريد ڪرڻ جي رقم آبپاشي کاتي لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي فراهم ڪئي هئي جنهن تي چيئرمين پي اي سي نثار کهڙي چيو ته پوءِ رڪارڊ ڪٿي آهي؟ ۽ بنا ڪنهن رڪارڊ جي توهان جو جواب تسلي بخش تصور نه ٿو ڪري سگهجي. نثار کهڙو چيو ته آر بي او ڊي جو 62 ارب روپين کان وڌيڪ ملڪي خزاني جو مسئلو آهي ان لاءِ توهان کي رڪارڊ ڏيڻو پوندو ۽ هاڻي ائين نه هلندو. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي گهرايو ته هو اچي پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي ڏسي جنهن تي پي اي سي ايندڙ اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري، آبپاشي سيڪريٽري، سيڪريٽري جي اي سميت لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي طلب ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون جنهن کان پوءِ بورڊ آف روينيو بابت اجلاس 15 ڏينهن کان پوءِ گهرايو ويو آهي.