ڪراچي ـ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سنڌ جي صرف 26 لک گهراڻن کي رجسٽرڊ ڪرڻ واري عمل کي ناڪافي قرار ڏيندي عمري، حج ۽ زيارتن تي ويندڙ غريب عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان وڌيڪ لکين غريب گهراڻن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ، رجسٽريشن سينٽر يونين ڪائونسلن سطح تائين قائم ڪرڻ سميت سنڌ ۾ غريب عورتن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ اسڪل پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ڊوائيس مافيا جي مداخلت کي ختم ڪيو وڃي. اهڙو مطالبو پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين ايز، ايم پي ايز سميت پارٽيءَ جي اڳواڻن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي صوبائي صدر نثار کهڙو جي قيادت ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته اسين چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌايو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ 96 لک گهرن جي سروي کان پوءِ صرف 26 لک گهرن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪرڻ ڪافي ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ غربت کي گهٽائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڌيڪ گهر شامل ڪيا وڃن ۽ وظيفو حاصل ڪندڙ عورتن کي سينٽرن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ امداد جي رقم حاصل ڪرڻ دوران ڏکيائين کي ختم ڪيو وڃي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ غريب عورتن کي رجسٽرڊ ڪرڻ جو عمل آسان بڻايو وڃي. هن چيو ته انڪم سپورٽ پروگرام جي سروي جو طريقه ڪار آسان ڪيو وڃي ته جيئن غريب عورتون وڌ کان وڌ ان پروگرام ۾ شامل ٿي سگهن ۽ هن پروگرام جي رجسٽريشن لاءِ يونين ڪائونسل سطح تائين رجسٽريشن سينٽر قائم ڪيا وڃن. ان موقعي تي بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ عورتن کي امداد جي فراهميءَ ۾ مڊل مين جو ڪردار ختم ڪري رقم سندن اڪائونٽن ۾ سڌو سنئون موڪلڻ تي ڪم جاري آهي ان ڏس ۾ مختلف بئنڪن سان معاهدو پڻ ڪيو ويو آهي جيڪڏهن بئنڪ انتظاميه طرفان وظيفي جي رقم ۾ ڪٽوتي جون شڪايتون مليون ته انهن بئنڪ انتظاميه جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪيون وينديون. روبينه خالد چيو ته جيڪڏهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪٽوتي ۾ اسان جي انتظاميه ملوث نڪتي ته انهن خلاف به ڪاروائي ٿيندي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا دشمن وڌيڪ آهن، اِهو ئي سبب آهي جو ماضيءَ ۾ هن پروگرام جو نالو تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صرف مالي امداد نه پر عورتن کي گهر جو سربراهه بڻائي مضبوط ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حج، عمري ۽ زيارتن تي ويندڙ غريب عورتن کي پروگرام مان ڪڍڻ واري عمل تي نظرثاني پڻ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڊونرز جي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽر ٿيڻ لاءِ 63 سوال هوندا آهن جن جي بنياد تي اهل قرار ڏئي غريب عورتن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي آهي پر بي آءِ ايس پي پروگرام ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي گنجائش آهي. اسين چاهيون ٿا ته عورتن کي ملندڙ امداد مان ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي نه ٿئي ۽ غريب عورتن جي سينٽرن تي تذليل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. روبينه خالد چيو ته عورتن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ان ڏس ۾ پهرين مرحلي ۾ اسٽيوٽا سان معاهدو پڻ ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ايم اين اي شگفته جماڻي چيو ته سنڌ ۾ غربت وڌيڪ آهي ۽ عورتون وڌيڪ مسئلن جو شڪار آهن ۽ اهڙيون به وائيٽ ڪالر عورتون آهن جيڪي گهري نه ٿيون سگهن انهن جي مدد ڪرڻ وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته ڪرسچن ڪميونٽيءَ کي پڻ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ امداد لاءِ ڊوائيس مافيا جي مداخلت ختم ڪئي وڃي ۽ عورتن جي وظيفي مان ايجنٽ مافيا جيڪا ڪٽوتي ڪري رهي آهي ان کي پڻ ٻنجو ڏنو وڃي. ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ غربت آهي ان لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سروي وڌائي وڃي ۽ هن پروگرام تحت عورتن کي اسڪل ڊولپمينٽ ڏني وڃي. پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام 2008ع کان ڪاميابيءَ سان جاري آهي ۽ وارڊ سطح تائين هن پروگرام کي وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي جنهن سان وڌ کان وڌ غريب عورتون فائدو حاصل ڪري سگهنديون. صوبائي وزير شاهينه شير علي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽرن جو تعداد وڌايو وڃي ۽ جيڪي عورتون حج، عمري ۽ زيارتن تي وڃن ٿيون انهن عورتن کي بي آءِ ايس پي پروگرام مان خارج ڪيو پيو وڃي اهڙي فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ جن عورتن کي پروگرام مان ڪڍيو ويو آهي انهن کي ٻيهر شامل ڪيو وڃي. ايم پي اي ندا کهڙو چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عورتن کي آسانيءَ سان امداد جي فراهميءَ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي هيٺين سطح تي موجود عورتاڻي ونگ جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪارڊ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي تصوير بحال رکي وڃي ۽ سرسو تحت سنڌ ۾ غربت ختم ڪرڻ جو پروگرام هلي رهيو آهي جنهن تحت عورتن کي هنرمند بڻائڻ سميت امداد پڻ ڏني ويندي آهي ان لاءِ سرسو وانگر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام به غريب عورتن کي امداد ڏيڻ سان گڏ هنرمند بڻائڻ جو پروگرام شروع ڪري.