دسمبر 1, 2024


حيدرآباد ڪراچي ۾ رواداري مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ عورتن، ٻارن، اديبن، شاعرن، فنڪارن، صحافين تي پوليس جي بدترين  تشدد ۽ گرفتارين جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نوراحمد ڪاتيار ۽ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو چيو آهي پيپلز پارٽي پرامن ريلي تي تشدد ڪري بدترين ڊڪٽيٽرشپ جو ثبوت ڏنو آهي. پيپلز پارٽي قيادت جو سيڪيولر چهرو وائکو ٿي ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن کان پرامن احتجاج جو حق کسيو ويو آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ سرڪار، سنڌ ۾ مڪمل طور آئين قانون کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي پرامن اديبن، فنڪارن ۽ شاعرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس جا اٽالا پهچن ٿا پر پوليس اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪچي جي ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائيندڙ سنڌ پوليس سنڌ جي نياڻين تي بيرحماڻو تشدد ڪيو آهي. جيڪو شرمناڪ عمل آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جو گهرو وزير ضياء لنجار ۽ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ فوري طور تي استعفي ڏين، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس سنڌ ۾ پيپلز سرڪار جي دهشتگردي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. رواداري مارچ جي گرفتار سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے