خيرپور ۾ ڪوٽڏيجي واسڻ پيرسن جو ويڳن پٽن جي ظلمن خلاف احتجاج، زمينن ۽ گهرن تي قبضو ڪري هٿياربندن کي ويهارڻ جا الزام، دربدري جو شڪار، پوليس پڻ انصاف نه ڪيو، صحافين آڏو احتجاج، تدارڪ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق تعلقو ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ غلام رضا ڪٽوهر جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات ضميران ڪٽوهر پنهنجي پٽن غلام مرتضيٰ ۽ الهڏنو ڪٽوهر سان گڏجي خيرپور ۾ صحافين آڏو ويڳن پٽن جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته سندس جي ويڳي پٽ اسسٽنٽ ڪمشنر پيرڳوٺ جي ڊرائيور محمد موسيٰ ڪٽوهر، سول اسپتال خيرپور ۾ ايمبولينس ڊرائيور محمد ايوب ڪٽوهر ۽ محمد ادريس ڪٽوهر اسان جي زمينن ۽ گهرن تي قبضا ڪرڻ لاءِ هٿياربندن کي ويهاري ڇڏيو آهي ۽ اسان کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته گهر وڃون ٿا ته موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن چيو ته جوابدارن خلاف ايس ايس پي خيرپور۽ ايس ايڇ او ڪوٽڏيجي کي پڻ دانهيو آهي مگر هن وقت تائين ڪوبه تدارڪ نه ٿيو آهي. هنن آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.