ڪراچي يوٿ ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي چيئر پرسن سنڌو نواز گهانگهرو،انيس هارون، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي قاضي خضر حيات، ٽحريڪ نسوان جي اڳواڻ شيما ڪرماني، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي قاضي خضر حيات، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، الاهي بخش بڪڪ، مهناز رحمان، ناصر منصور۽ ڪالهه خميس جي شام جو سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي خلاف، ڊاڪٽر شانواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري، سنڌ ۽ ملڪ ۾ حقيقي اسلامي روادري جي قيام لاءِ 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي سنڌ جي سياسي جماعتن، سول سوسائٽي، شاگردن، شاگردياڻين ۽ مزدورن کي شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪندي عمر ڪوٽ ۾ سنڌ پوليس جي مذهبي انتها پسند ، رشوت خور دهشتگردن هٿان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀرجي ڪوڙي پوليس مقابلي لاءِ جوڙيل سنڌ حڪومت جي پوليس آفيسرن تي ٻڌل تحقيقاتي ڪميٽي کي رد ڪندي ميرپور خاص جي ڊي آئي جي، امر ڪوٽ جي ايس پي ،ايس ايچ او، مولانا عمر سرهندي کي ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر جي پوليس هٿان عدالت کان مٿانهين قتل جي جوابدارن کي سزا ڏيارڻ ن قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌهاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي ٻڌل عدالتي تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي وڃي، هن قتل ۾ ملوث عمر سرهندي، جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي عمر ڪوٽ، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايڇاو سنڌڙي کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، قاتلن کي هار پارائيندڙ،قاتلن جي حوصلا افزائي ڪرڻ۽ عمر ڪوٽ ۾ ڪالهه خميس ڏينهن تي قاتل مولوين جي ريلي جي مدد ڪرڻ تي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري کي قاتلن جي سهولتڪار قومي ايسمبلي جي ميمبر امير شاهه جيلاني کي پارٽي مان خارج ڪري سندس قومي اسيمبلي ي ميمبرشپ واپس وٺي هن مٿان قتل جي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي . سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته هن کي مولوين طرفان واٽس اپ، فونين ۽ سوشل ميڊيا تي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ ۽ دهشتگردن هن جي ڪنڊياري واري گهر تي حملو ڪيو ۽ گذريل سومر تي ڪورٽ جي حاضري تي سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي موجودگي ۾دهشتگرد عمر سرهندي ، غير قانوني هٿيارن سان دهشتگردن جي ٽولن سان ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ، جنهن جو عمر ڪوٽ ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي ججن ۽ آئي جي سنڌ پوليس کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، ان مان لڳي ٿو ته قاتلن کي سنڌ حڪومت ۽ رياست جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ۽ سڀني کي خبر آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جو ظالماڻو قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ لاش کي ساڙيو ويو اسان عمرڪوٽ ۾ گڏجي اهو واضع ڪيو ته سنڌ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رسول بخش پليجو ۽ جي ايم سيد ، حيدربخش جتوئي، مخدوم بلاول، شاهه عنايت شهيد جي ڌرتي آهي جنهن انتها پسندي جي حوالي ٿيڻ نه ڏنو ويندو.جسقم جي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي کي رياستي پٺڀرائي حاصل آهي، جيئن هو سنڌ کي وڌيڪ غلام رکي ڪارونجهر ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سگهن ۽ پنجاب سنڌ جو پاڻِ ارسا ترميم وسيلي وڌيڪ چوري ڪري سگهن. انيس هارون ئيو ته سنڌ امن ۽ مذهبي روادري جي ڌرتي رهي آهي آهي، جنهن کي ملڪ جي ٻين صوبن وانگر انتها پسندن مولوين ۽ پوليس آفيسرن جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي.شيما ڪراني چيو ته رياست جي نگراني ۾ سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي کي هٿي وٺرائي وئي آهي، جنهن جو نتيجو عوام جي تحفظ ڪندڙ ڪندڙ اداري جي اعلي آفيسرن ۾ مذهبي اتها پسندي جي لاڙي جي پرورش ٿي رهي آهي. هيومن رائٽس ڪميشن جي قاضي خضر حيات چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل تي جوڙيل سنڌ حڪومت جي پوليس جي انڪوائري تي شڪ شبا آهن پوليس جي انڪوائري رپوٽ ۾ قاتل کي تحفظ ڏنو ويو آهي سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي واقعي م ملوٽ پوليس عملدارن کي گرفتار ڪيو وڃي هڪ قاتل جو قافلو نڪري ٿو هٿيار بندن سان گڏ ان کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي عمر سرهندي پهريان به ماڻهن کي قتل جا فتوا جاري ڪري چڪو آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته ڊاڪٽر شاهنواز وارو واقعو نه ٿئي ها هڪ ايم اين اي قاتلن کي هار پارائي پيو، پي پي پي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري کي ان ايم اين کي پارٽي ۽ قومي اسيمبلي مان نيڪالي ڏني وڃي سنڌ ۾ مدرسو ڪلچر نه هجڻ کپي، سنڌ ۾ 40 هزار مدرسا ۽ 48 هزار اسڪول آهن و ڪردار سنڌو نواز جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي ڏينداسين ته اسان انتها پسندي کان نه ٿا ڊڄون .ان موقعي تي عاليه بخشل ٿلهو ، ناصر منصور، جونيئر ذوالفقار ٽو ۽ ٻين ڳالهائيندو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان کي انتها پسند دهشتگردن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ۽ 13 نومبر تيڪراچي ۾ سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي خلاف ، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ملڪ ۾ مذهبي روادري قائم ڪرائڻ لاءِ رٿيل ريلي ۾ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪجي ٿي.