دسمبر 2, 2024

مٺي

ڪلوئي ڀرسان ڳوٺ ٻاڀڻڪو جو نوجوان ۽ مٺي واسي ناري اسلام قبول ڪرڻ بعد پرڻو رچايو.

ناري دانھون ڪندي پريس ڪلب ڪلوئي پھتي ته منھنجي مڙس کي اغوا ڪيو ويو آھي.

ناري رقيعہ شيخ پنھنجي ڏيرن مٿان مڙس کي اغوا ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته مون ٻاڀڻڪو جي رهواسي والم ڀيل اسلامي نالو محمد حسين شيخ سان مسلمان ٿي پسند جي شادي ڪئي.

ھن چيوته هڪ هفتو اڳ ڏير ۽ بااثر ماڻهو مڙس کي اغوا ڪرائي ويا آهن منهنجو هاڻي هتي ڪير به ناهي.

ھن خدشو ڏيکاريو تہ منهنجي مڙس جي حياتي کي خطرو آھي، بااثر ماري به سگھن ٿا.

اسان رضا خوشي سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي، منھنجي زندگي کي به خطرو آهي. ڪٿي ٻئي ڄڻا ماريا نه وڃون، انسانيت جي ناتي فوري طور تي وس وارا نوٽيس وٺن ۽ منھنجي مڙس کي بازياب ڪرائين، سندن مھرباني ٿيندي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے