دسمبر 2, 2024


وفاقي حڪومت ڊسمبر 2024 ۾ گرين لائن بس سروس سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيندي، سنڌ سرڪار گرين لائن بس سروس جو ڪاروھنوار سنڀالڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن.
ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ھڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم دايو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي ايو شمائلا محسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ گرين لائن بس سروس جي آپريشنز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي گرين لائن منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. اجلاس ۾ گرين لائن منصوبي کي اورنج لائن سان ڳنڍڻ واري منصوبي تي بھ تفصيلي ڳالھھ ٻولھھ ٿي.
اجلاس ۾سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ گرين لائن ۽ اورنج لائن کي ڳنڍڻ واري منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ واري شعبي ۾ سنڌ سرڪار جي جاري آپريشنز، يوٽيلٽي سروسز ۽ گرين لائن بس سروس لاءِ سبسڊيز تي بھ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ گرين لائن منصوبو ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ واري نظام ۾ اھم جـُز آھي،وفاقي سرڪار پاران گرين لائن منصوبو ڊسمبر 2024 ۾ سنڌ سرڪار حوالي ڪيو ويندو.
ھن چيو تھ سنڌ سرڪار چاھي ٿي تھ گرين لائن ۽ اورنج لائن کي ڳنڍڻ وارو منصوبو ڊسمبر 2024 کان اڳ ئي مڪمل ٿي وڃي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ وفاقي حڪومت پاران گرين لائن جي آپريشنز لاءِ ساليانو 2 ارب رُپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سنڌ سرڪار اُن تي نظر ثاني ڪندي، گرين لائن منصوبو وفاق کان سنڌ سرڪار کي منتقل ٿيڻ ٻعد شھرين جي لاءِ ٽرانسپورٽ کي وڌيڪ اثرائتو ۽ بھتر بڻائڻ لاءِ اُن ۾ وڌيڪ بسون شامل ڪيون وينديون.
ھن چيو تھ اڳواٽ ئي جاري سنڌ سرڪار جي پبلڪ ٽرانسپورٽ وارن منصوبن جي ڪري عوام سـُک جو ساھھ کنيو آھي، پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪراچي جو پراڻو مسئلو آھي، اسين چاھيون ٿا تھ ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ وڌ کان وڌ بھتري آندي وڃي تھ جيئن عوام کي گھڻي کان گھڻو رليف ملي سگھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے