دسمبر 1, 2024

ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ پاران جماعت اسلاميءَ جي الاقصيٰ ملين مارچ ۽ غزا يڪجهتي ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي هدايت جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي جاري هڪ بيان ۾ نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي غزا، فلسطين ۽ لبنان سان يڪجهتيءَ لاءِ جماعت اسلاميءَ جي الاقصيٰ ملين مارچ جي حمايت ڪري ٿي ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن 6 آڪٽوبر تي شاهراهه فيصل ڪراچيءَ ۾ جماعت اسلامي پاران اسرائيلي جارحيت خلاف الاقصيٰ ملين مارچ ۾ شرڪت ڪندا جڏهن ته 7 آڪٽوبر تي غزا يڪجهتي ۾ پڻ شرڪت ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته غزا تي اسرائيلي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. اقوام متحده غزا، لبنان ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نثار کهڙو سڀني سياسي جماعتن کي اپيل ڪندي چيو ته سياسي اختلافن کي هڪ سائيڊ تي رکي سڀئي سياسي جماعتون متحد ٿي اسرائيلي جارحيت جي خلاف مضبوط موقف اختيار ڪن.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے