دسمبر 2, 2024

ۡر
ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ٽيم ڪراچي ۾ ٻن الڳ الڳ ڪاررواين ۾ 4 منشيات فروشن جي گروھھ سميت 5 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.
ملير ۾ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ٽيم ايڪسائز انسپيڪٽر محمد زبير لاکو جي سربراھي ۾ غريب ملير سٽي ٿاڻي جي حد غريب آباد ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي بدنام منشيات فروش گروھھ کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪارروائي ۾ ايڪسائز ٽيم جي پنج موبائل گاڏين حصو ورتو. ڪارروائي دوران ٻن عورتن سميت 4 بدنام منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار منشيات فروش جوابدارن ۾ منيرا عرف فضا، عزيزان عرف چلي، امجد، گلشير عرف گڊو شامل آھن. ايڪسائز اختيارين جو چوڻ آھي تھ ڪاررواين وقت جوابدار ھيروئن جي پيڪنگ ۾ مصروف ھُئا، جوابدارن جي قبضي مان ننڍن ٿيلھين جي صورت ۾ 506 گرام ھيروئن ھٿ ڪئي وئي.
ايڪسائز اختيارين جو اھو بھ چوڻ آھي تھ منشيات فروش ملير سٽي ٿاڻي تي داخل منشيات جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گرفتار بھ ٿي چُڪا آھن، جوابدار عادي منشيات فروش آھن، گرفتار جوابدارن بابت اطلاع 24 نيوز ذريعي بھ خبر ملي ھُئي.
ايڪسائز اختيارين جو چوڻ آھي تھ شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن پنھنجي گروھھ جي ٻين ساٿين بابت بھ انڪشاف ڪيا آھن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آھي.
ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ٽيم ماڙيپور ۾ دعا ھوٽل ويجھو ھڪ ٻي ڪارروائي ۾ منشيات فروش جوابدار غلام عباس ولد قربان علي کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار وٽان 510 گرام آئس ھٿ ڪئي وئي آھي. جوابدار غلام عباس خلاف منشيات جي ڪنٽرول واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آھي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے