دسمبر 1, 2024

پي اي سي اجلاس / انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ ڪراچي جا آڊيٽر آفيسر معطل

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي چيئرمين نثار احمد کهڙو انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي اختيارين پاران آڊٽ پيراز جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آڊٽ پيراز جو رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي آڊٽ آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊز عباس بلوچ سميت بورڊ جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي سال 2012ع کان 2021ع تائين 10 سالن جي آڊٽ پيرا جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس شروع ٿيو ته انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي آفيسرن پاران پي اي سيءَ کي گذريل 10 سالن جي آڊٽ پيراز جا ورڪنگ پيپر ۽ تفصيل فراهم نه ڪيا ويا جنهن تي پي اي سي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آڊٽ پيرائن جا ورڪنگ پيپر جمع نه ڪرڻ تي انٽر بورڊ ڪراچيءَ جي آڊٽ آفيسر زاهد علي لاکو ۽ مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي آڊٽ آفيسر سيد شائق علي کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته آفيسرن پاران آڊٽ پيرائن جا ورڪنگ پيپر فراهم نه ڪرڻ واري غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊز عباس بلوچ کان پڇيو ته انٽر بورڊ جو چيئرمين پي اي سي اجلاس ۾ ڇو نه آيو آهي؟ جنهن تي سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊز کيس ٻڌايو ته نسيم ميمڻ کي حراسمينٽ واري ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ هٽايو آهي ۽ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي سبب سرچ ڪميٽي تعليمي بورڊ جا نوان چيئرمين ڀرتي نه ٿي ڪري سگهي ۽ عدالت جو جيئن اسٽي آرڊر ختم ٿيندو ته بورڊ جا نوان چيئرمين سرچ ڪميٽي ذريعي ڀرتي ڪيا ويندا. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو چيو ته آڊٽ پيراز جا ورڪنگ پيپر جمع نه ڪرڻ غفلت جي زمري ۾ اچي ٿو. ان دوران چيئرمين پي اي سي انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي اختيارين کي ايندڙ اجلاس ۾ آڊٽ پيرائن جا سڀئي ورڪنگ پيپر کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پيش ڪيل هڪ ورڪنگ پيپر ۾ انٽر بورڊ ڪراچيءَ ۾ گريڊ 2 کان گريڊ 5 تائين ڀرتي ٿيل نائب قاصد، مالهي، چوڪيدار ۽ ڊرائيورن سميت 11 ملازمن کي غيرقانوني پروموشن ڏئي جونيئر ڪلارڪ بڻائڻ ۽ انهن ملازمن تي 13.393 ملين روپيه پگهارن جي مد ۾ خرچ ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. پي اي سي جي اجلاس ۾ مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي ورڪنگ پيپر ۾ سال 2010ع ۾ هڪ 18 هين گريڊ جي رٽائرڊ آفيسر کي 19 هين گريڊ جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ريسرچ جي پوسٽ تي هڪ سال لاءِ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي اسپيشل ڪيس ڪري ٻيهر ڀرتي ڪرڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو آهي. ان رٽائرڊ آفيسر کي هڪ سال جي ڪانٽريڪٽ تي 19 هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪري کيس پگهارن جي مد ۾ 23 لک روپيه پڻ جاري ٿيا آهن. پي اي سي جي اجلاس ۾ ورڪنگ پيپر مڪمل نه هجڻ تي انٽر ۽ مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ جي آڊٽ پيرائن تي غور ايندڙ اجلاسن تائين ملتوي ڪيو ويو. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت تعليمي بورڊن کي فنڊ فراهم ڪري رهي آهي ته پوءِ تعليمي بورڊن کي خرچ ٿيندڙ رقم جو پڻ حساب ڏيڻو پوندو. اسين چاهيون ٿا ته سڀئي ادارا عوام جي ٽئڪس جا پئسا عوام جي بهتريءَ لاءِ خرچ ڪن ۽ عوام جي ٽئڪس جي پئسن ۾ بيقاعدگيون ۽ بدعنوانيون برداشت نه ڪيون وينديون. پي اي سي جي اجلاس ۾ ڪراچي يونيورسٽي بابت آڊٽ پيرائن جي جائزي دوران پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر بابت آڊٽ پيرا جو رڪارڊ فراهم نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وي سي خالد عراقي کان پڇيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شهيد بينظير ڀٽو چيئر قائم آهي ته پوءِ چيئر بابت آڊٽ پيرا جو رڪارڊ ڪير فراهم ڪندو؟ جنهن تي ڪراچي يونيورسٽي جي وي سي کيس ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ ۾ قائم بينظير ڀٽو چيئر جو انتظامي ڪنٽرول يونيورسٽي وٽ آهي پر مالي ڪنٽرول يونيورسٽي وٽ ناهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو چيئر کي فنڊنگ سنڌ حڪومت براهه راست ڪندي آهي جنهن تي چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شهيد بينظير ڀٽو چيئر کي سنڌ حڪومت فنڊ فراهم ڪري رهي آهي ته پوءِ چيئر انتظاميه کي آڊٽ پيرا بابت رڪارڊ فراهم ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين ڪراچي يونيورسٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر کي ايندڙ اجلاس ۾ آڊٽ پيرا جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو چيئر جي آڊٽ پيرا ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے