دسمبر 2, 2024

ڪراچي سنڌ جي وڏي وزير جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ لائيواسٽاڪ کاتي جي جانورن تي فارمن جي ڪارڪردگي بابت اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ صوبائي صلاحڪار کي فارمن جي باري ۾ مڪمل بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي سيد نجمي عالم اجلاس ۾ شامل سڀني آفيسرن تي زور ڀريو ته هو فارمن جي سرڪاري رقمن جو شفافيت سان استعمال ڪن ۽ سرڪاري ملڪيتن جي حفاظت ڪرڻ سميت فارمن تي رکيل جانورن جي سارسنڀال جو جوڳو بندوبست رکن ته جيئن لائيواسٽاڪ فارمن کي مثالي بنائي سگهجي. سيد نجمي عالم فارم سپرنٽنڊنٽن کي هدايتون ڏيندي چيو ته هر فارم تي آن لائين ڪيمرا لڳائڻ جو بندوبست ڪن. هن چيو ته جانورن جي ٽيگنگ سميت هر نسل جي جانورن جو رڪارڊ رکڻ سميت وٽنري ڊاڪٽر جي هر فارم تي پوسٽنگ هجڻ ضروري آهي ته جيئن هو فارم تي موجود جانورن جي مڪمل ويڪسين سميت ٻين بيمارين جو به ترت علاج ڪري سگهجي. سيد نجمي عالم چيو ته هر فارم تي مقرر فارم سپرٽنڊنٽ پنهنجي رهائش گاه پنهنجي فارم تي رکندو جيڪو فارم سپرٽنڊنٽ فارم تي نه رهندو ان کي اتان هٽايو ويندو جيڪڏهن اتي رهائش جو بندوبست ناهي ته اسان عالمي بينڪ جي منصوبي مان فارمن جي عمارتن جي بحالي سميت رهائش گاه هاسٽل ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. صوبائي صلاحڪار کين اه ابه هدايت ڪئي ته فارمن ۽ گهربل مشينري بابت لکت ۾ کاتي جي سيڪريٽري کي لکيو وڃي ته جيئن اسان گهربل مشينري جو بندوبست ڪري سگهون. سيد نجمي عالم چيو ته فارمن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ چاري وارو فصل پوکيو وڃي ۽ فارم سپرنٽنڊنٽ پنهنجي پنهنجي فارمن جي زمينن جو تفصيل مهيا ڪن ته جيئن روينيو کاتي کان مڪمل زمين تفصيل ۽ ڪاغذات وٺي قبضي هيٺ آيل زمينن بابت ڄاڻ ملي سگهي. ان موقعي تي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ايڊيشنل سيڪريٽري ٽيڪنيڪل لائيواسٽاڪ ڊاڪٽر علي اختر شاهاڻي، ڊائريڪٽر پلاننگ ڊاڪٽر مبارڪ جتوئي، ڊائريڪٽر فارمز ۽ ايڪسٽينشن ڊاڪٽر رحمت الله سنجراڻي ۽ فارم سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر عبدالمجيد ابوپوٽو، ڊاڪٽر غلام حيدر خاصخيلي، ڊاڪٽر حسين علي شيخ، ڊاڪٽر نويد احمد ، ڊاڪٽر حسين علي شيخ ۽ ڊاڪٽر غلام عمر اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے