دسمبر 2, 2024

ڪراچي
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ايڪسائز کاتي پاران سڀاڻي خميس 13 آڪٽوبر کان پريمئم ۽ پرسنلائزڊ نمبر پليٽس آن لائن جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي، نمبر پاران جاري ڪرڻ واري ھي سلسلو نيلامي ذريعي ھڪ قسم جي فنڊ ريزنگ آھي، پريمئم ۽ پرسنلائزڊ نمبر پليٽس جاري ڪرڻ سان حاصل ٿيڻ واري رقم ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي اڏاوت لاءِ ڏني ويندي، ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گھرن جي تعمير چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آھي، مخير حضرات، جيڪي پريمئم ۽ پرسنلائزڊ نمبر پليٽس جا خواھشمند آھن، اُھي ھن ۾ وڌي چڙھي حصو وٺن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير،. اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ميثاق جمھوريت تحت پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن، مسلم ليگ ق، جي يو آءِ ف ۽ ٻين پارٽين ھڪ معاھدو ڪيو ھو تھ جيئن عوام جي چونڊيل حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪري سگھي، آئيني عدالتون بھ ميثاق جمھوريت ۾ شامل ھُيون، ميثاق جمھوريت تحت ارڙھين ترميم وجود ۾ آئي ۽ صدر آصف علي زرداري پنھنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪري ڇڏيا، آئيني عدالتن جي قيام جو نقطو بھ ميثاق جمھوريت ۾ شامل ھُيو، آئيني عدالتن جي معاملي تي پيپلز پارٽي جي پوزيشن 2008 ۾ بھ واضح ھُئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آئيني عدالتن جي معاملي تي سڀني کان ڳالھيون ڪري رھيو آھي ۽ ھُو اتفاق راءِ سان سڀني جي رضامندي سان آئيني عدالت جو قيام جي ترميم آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھيو آھي.
ھن چيو تھ پيپلز پارٽي سڀني لاءِ ھڪجڙي انصاف جي لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي شھيد چيئرمين کي ڦاھي ڏني وئي، جنھن تي 45 ورھيھ پوءِ سپريم ڪورٽ اُن سزا کي غلط قرار ڏنو، ھن ملڪ جي آئيني وزير اعظم شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جون ٻھ حڪومتون غير قانوني طريقي سان ختم ڪيون ويون، ھتي ھڪ شخص کي ڦاھي ڏني وئي، ويھھ ورھين بعد فيصلو آيو تھ ھي شخص بيقصور ھو، پيپلز پارٽي جوڊيشل ايڪٽواز جو سڀني کان وڏو شڪار رھي آھي، پيپلز پارٽي جي خياددتين تي پھاڙ ڪيرايا ويا، شھيد بي بي جي شھادت کي 16 سال ٿي ويا آھن، پر سندس قتل ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عدالت وٽ وقت ناھي، اُن لاءِ پيپلز پارٽي چاھي ٿي تھ آئيني عدالت ھجي جيڪا ناانصافين کي روڪي سگھي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي چوي ٿي تھ اسان لاءِ قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور علي شاھھ ٻئي احترام جوڳا آھن، اُھي ماڻھن جن عدالتن جي ججن کي سرعام ڌمڪيون ڏنيون، اُنھن کي عدالتن مان رليف ڏنو ويو، پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ھڪ عورت جج جو نالو وٺي کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون، ثاقب نثار پي ٽي آءِ جي باني جي گھرن کي ريگيولرائز ڪيو، کيس صادق ۽ امين جو خطاب ڏنو، ڪراچي ۾ پي تي آءِ جي ھڪ ايم پي اي ھڪ عام پورھيت کي روڊ تي تشدد جو نشانو بڻايو، ثاقب نثار فيصلو ڪيو تھ ٽڦ ۽ مُڪن جو ھرجاڻو ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالتن کي فيصلا قانون جي دائري ۾ رھي ڪرڻ گھرجن.
ھن چيو تھ ڪجھھ مخصوص ججز قانون کي تباھھ ۽ برباد ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي، ھي شروعات افتخار چوڌري ڪئي ۽ صدر آصف علي زرداري خلاف خط نھ لکڻ تي يوسف رضا گيلاني کي نااھل ڪري ڇڏيو، ريڪوڊڪ ڪيس ۾ ملڪ کي ڳرو نقصان پھچايو ويو، اھڙي قسم جي فيصلن جو افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار کان حساب وٺڻ گھرجي.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ خيبرپختونخواھھ جي چيف جسٽس وقار سيٺ بي آر ٽي ۾ جيڪا سزا ڏني، جنھن تي جسٽس عمر عطا بنديال جي سپريم ڪورٽ ان ڪيس ۾ آئيني ادارن کي انڪوائري کان ئي روڪي ڇڏيو، ھي ڪھڙو انصاف آھي؟ اھڙي ريت قاسم سوري جي ڪاميابي کي اليڪشن ڪميشن غلط قرار ڏنو تھ جسٽس بنديال کيس رليف ڏئي ڇڏيو، ھي مثال ثابت ڪن ٿا تھ ڪھڙي ريت ھڪ شخص کي رليف ڏنو ويو، فارن فنڊنس ڪيس موجب ھن پارٽي جي ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ واضح ٿي پر ڪا ڪارروائي نھ ٿي، اڄ اسرائيل جو ڪردار ڪنھن کان ڳجھو ناھي، اڄ جي تاريخ ۾ عمران خان جي لنڊن ۾ رھندڙ مائٽن اسرائيل کي اميد جو ڪرڻو قرار ڏنو آھي. لنڊن ۾ ميئر جي چونڊن دوران عمران خان پاڪستان ڄائي صادق خان جي مخالفت ڪئي ۽ پنھنجي مائٽ زيڪ گولڊ اسمٿ جي اليڪشن مھم ھلائي، عمران خان جا ٽويٽس موجود آھن، جن ۾ ھُو زيڪ گولڊ اسمٿ جي حمايت ڪري رھيو آھي، ڪجھھ ڏينھن اڳ جھڙي ريت اسرائيلي اخبارن چيو تھ عمران خان پنھنجو وزير اسرائيل موڪليو ھو، عمران خان جي گرفاتري تي ھڪ اسرائيلي عورت سرڪاري طور تي بيان ڏنو تھ پاڪستان ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رھي آھي، اُن مان ظاھر ٿئي ٿو تھ سندس تندون ڪٿي ملن ٿيون؟
ھن چيو تھ صدر آصف علي زرداري کي بڪتر بند ۽ پوليس موبائلن ۾ آندو ويندو ھو، عمران خان کي مرسيڊيز ۾ آندو ويو ۽ چيف جسٽس کيس ڏسي چيو گُڊ ٽو سِي يُو، اسرائيل جھڙو انساني حقن جي لتاڙ ڪندڙ ملڪ پاڪستان ۾ عمران خان جي گرفتاري تي انساني حقن جي پامالي جي ڳالھھ ڪري رھيو آھي، عمران خان کي عدالت مان مسلسل رليف ملندا رھيا آھن، عمران خان تي ڪيس ٿابت ٿيڻ باوجود سندس وار بھ ونگو نھ پيو ٿئي، کيس ناجائزفائدا ملي رھيا آھن، جيل ۾ ملڻ لاءِ عمران خان کي لسٽ گھري وئي تھاوھين ٻڌايو تھ ڪنھن ڪنھن ڪنھن سان ملڻ چاھيو ٿا، ھي سھولت پاڪستان ۾ عام قيدين کي ناھي، ثاقب نثار جي عدالت عليما خان کي فنڊنگ ڪيس ۾ رليف ڏنو، سزا يافتھ ھجڻ باوجود ھي موصوف جيل ۾ ويھي سياست ڪري رھيو آھي، رليف وٺي رھيو آھي، ڊاڪٽر اسرار احمد گھڻو اڳ عمران خان جي باري ۾ واضح پيغام ڏنو ھو، حڪيم سعيد ۽ عبدالستار ايڌي بھ سندس ڪم واضح ڪيا جيڪي اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آھن.
سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پي ٽي آءِ اُن وقت ڪٿي ھُئي جڏھن خانگي جھاز ڀري اُنھن ۾ ماڻھو پورا ڪيا ويندا ھُئا، ھنن آئيني حق پامال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بي اعتمادي جي رٿ ۾ ووٽ وجھڻ وارن جو حق کسيو ويو تھ ڪنھن پارٽي جو ميمبر جيڪڏھن پنھنجي پارٽي جي خلاف ووٽ ڏيندو تھ اھو ووٽ ڳڻيو نھ ويندو، ھي ڪھڙو تضاد آھي، اوھان پنھنجي پارٽي خلاف ڪارروائي جو حق رکو ٿا پر اُن جي ووٽ کي ڳڻڻ کان روڪي نھ ٿا سگھو، آئين جي تشريح ڪرڻ عدالت جو ڪم ضرور آھي پر آئين ٽوڙن عدالتن جو ڪم ناھي، قانون ٺاھڻ جو واحد اختيار پارليامينٽ کي آھي، ڪجھھ ماڻھن جي ذاتي خواھشن تي قانون کي بلڊوز نھ ڪرڻ گھرجي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ مولانا فضل الرحمان ھڪ سينئر سياستدان آھي، ڪوشش آھي تھ سڀني جي اتفاق راءِ سان آئيني ترميم آندو وڃي.
ھڪ ٻئي سوال جي جاوب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پيپلز پارٽي سان جيڪو ظلم ٿيو اسان نھ ٿا چاھيون تھ اھو ڪنھن ٻئي سان بھ ٿئي، پر اسان چاھيون ٿا تھ لاڏلي جي لاءِ گڊ ٽو سي يو جھڙو رليف ڪنھن کي بھ نھ ڏنو وڃي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اللھ تعاليٰ پاڪستان کي سدائين قائم رکي، پر اسان کي ياد رکڻ گھرجي تھ پاڪستان ۾ 9 مئي جھڙا وطن دشمن واقعا ڪرڻ وارا موجود آھن، عمران خان جي گھر اندران پوليس تي پيٽرول بم اُڇلايا ويا، اُن تي بھ عدالت ڪو پاڻمرادو نوتيس نھ ورتو، صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ پاڻ اچڻ وارن کي گرفتاري ڏني، پر ھڪ پارٽي ليڊر قوم جي ٻارن کي ڏڦيڙ جي تعليم ڏني پنھنجا ٻارن لنڊن ۾ رکيون ويٺو آھي، جنھن بھ ڪنھن کي عدالت کان مٿانھون رليف ڏنو اُن کي تاريخ ۾ سُٺن لفظن ۾ ياد نھ ڪيو ويندو.
ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ منھنجي چيئرمين جو پيغام آھي تھ سمورا ججز اسان جي لاءِ احترام جوڳا آھن پر آئين کي تبديل ڪرڻ جي اجازت رڳو پارليامينٽ کي آھي، ڪنھن جج کي اھو اختيار ناھي، اسان نھ ٿا ڄاڻيون تھ ملڪ جي تباھي يا مايوسي وارو ماحول پيدا ٿئي، پر سڀني کي ملڪي ترقي لاءِ متحد ٿي اڳتي وڌڻو آھي، اسان اميد رکون ٿا تھ مولانا فضل الرحمان بھ آئيني ترميم لاءِ پنھنجون تجويزون ڏيندو پوءِ انشااللھ سڀني جي اتفاق سان آئيني ترميم جي ڪوشش ڪئي ويندي جيڪڏھن ھن ۾ پي ٽي آءِ بھ اچي ٿي تھ اسان سان گڏ اچي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جن جن ججز آئين جي خلاف فيصلا ڏنا اُنھن سڀني جون خاص طور تي ثاقب نثار، افتخار چوڌري ۽ عمر عطا بنديال کي ڏنل رعايتون واپس ورتيون وڃن، پيپلز پارٽي ھر صورت ۾ آئين جي حفاظت ڪندي ۽ پنھنجو آئيني حق ضرور استعمال ڪندي، پيپلز پارٽي ڪنھن بھ پارٽي جي احتجاج جي حق جو احترام ڪري ٿي ۽ سڀني کي اھو حق استعمال ڪرڻ لاءِ قانون موجب سھولت مھيا ڪندي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جج جو نوٽيفڪيشن ڪڍڻ وفاقي حڪومت جو اختيار آھي، اسان چاھينداسين تھ ھر ڪوئي اخلاق جي دائري ۾ رھي پنھنجو ھق استعمال ڪري.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے